| نئون ڪوٽ قلعي ۾ فحاشي وڊيو وائرل بعد چوڪيدار گرفتار، ايس ايچ او صحافين تي ڏمرجي پيو |
نئون ڪوٽ (رپورٽر) نئون ڪوٽ قلعي ۾ فحاشي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد وڊيو ڀرڻ جي الزام ۾ چوڪيدار کي پوليس گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايس ايڇ او وڄوٽو صحافين تي ڏمرجي پيو، ۽ گٿا لفظ ڳالهايا. ان ڏس ۾ نئون ڪوٽ قلعي جون فحش وڊيوز وائرل ٿيڻ بعد انتظاميا حرڪت ۾ اچي جاچ لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪلچر ڪيلاش مالهي کي مقرر ڪيو جنهن نئون ڪوٽ قلعي ملازمن کان تفصيل ورتا، هن چيو ته ڪلچر ڊپارٽمينٽ مون کي انڪوائري لاء مقرر ڪيو آهي آئون جاچ مڪمل ڪري سومر تي رپورٽ لاڳاپيل کاتي کي اماڻيندس هن وڌيڪ چيو ته ملازمن گهٽ هجڻ ڪري هر ايندڙ جوڙي تي نظر رکڻ انتهائي مشڪل آهي انهي واقعي سبب سياحت تي وڏو اثر پوندو، اسان شفاف نموني انڪوائري ڪنداسين ڪو ملازم ملوث نڪتو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻئي پاسي پوليس وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ جي الزام هيٺ چوڪيدار والم ڀيل کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار چوڪيدار جي والد رٽائرڊ چوڪيدار آچار ڀيل ٻڌايو ته هي وڊيو هڪ سال پراڻيون. هن الزام هڻندي چيو ته هڪ سال اڳ اهي وڊيوز ان وقت قلعي تي مقرر انچارج والم ڀيل سان گڏ رڪارڊ ڪيون، والم هن کي ڪافي ڀيرا شڪايت ڪئي ته قلعي اندر ان قسم جون حرڪتون ٿين ٿيون جنهن تي هن ثبوت گهريو، جنهن بعد والم اهڙيون حرڪتون ٿيندي ڏيکاريون جنهن گڏجي وڊيو رڪارڊ ڪئي، گذريل آگسٽ مهيني ۾ صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه نئون ڪوٽ قلعي جو دورو ڪيو جنهن دوران اهي ملازم ڊيوٽي تي موجود نه هئا ته هن ڊيوٽي تان فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد لاڳاپيل کاتي انهي کي نوڪري مان فارغ ڪيو جنهن تي اهي ملازم چوڪيدار والم ڀيل تي ڏمرجي پيا ته اسان جي صوبائي وزير کي اوهان شڪايت ڪئي آهي، ان بعد وقتن به وقت اهي والم ڀيل کي ڌمڪائيندا رهيا، گذريل ڏينهن هنن تفريحي ماڳ ۽ ملازمن جي ساک کي نقصان پهچائڻ لاءِ محفوظ ڪيل وڊيو وائرل ڪري بدلو ورتو آهي،
| معاملو ٽائيم نيوز تي آڻي مٿي جو سور وڌايو اٿو: ايس ايچ او ڏمريل |
نئون ڪوٽ : نئون ڪوٽ قلعي واري معاملي ۾ گرفتار جوابدار بابت مون کان ڇو ٿا پڇو، اوهان معاملو ٽائيم نيوز تي آڻي منهنجي مٿي جو سور وڌايو آهي، ايس ايڇ او وڄوٽو امين جوڻيجو ٽائيم نيوز جي ٽيم تي ڏمرجي پيو، گٿا لفظ ڳالهائڻ لڳو، صحافين کي ڌمڪائيندي ايس ايڇ او چيو ته نئون ڪوٽ قلعي اندر هلندڙ فحاشي واري معاملي کي ٽائيم نيوز تي ڇو آندو معاملو پوليس لا مٿي جو سور بڻجي ويو آهي، هن چيو ته مون هڪ ملازم کي گرفتار ڪيو آهي وڊيو ۾ نظر ايندڙ متاثر عورتون ٿاڻي اينديون ته ڪيس داخل ڪندس، ٻئي پاسي ايس ايڇ او پاران صحافين خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ واري عمل جي سياسي سماجي ڌرين ۽ صحافين پاران مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او وڄوٽو امين جوڻيجو خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن علائقي ۾ سماجي براين جو خاتمو ٿي سگهي.
وڊيوز وائرل ٿيڻ سان ٿر جي سياحتي ماڳن جي ساک متاثر ٿي آهي: سڄاڻ ڌريون
نئون ڪوٽ: سياحت سان لاڳاپيل ڌرين جو چوڻ آهي ته اهڙيون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ سان نئون ڪوٽ قلعي سميت ٿرپارڪر جي ٻين سياحتي ماڳن جي ساک کي سخت نقصان پهچي سگهي ٿو، سياسي ۽ سماجي ڌرين جو چوڻ آهي ته عملي جي نااهلي سبب اهڙا واقعا جنم وٺن ٿا، جنهن جو سڌو سنئون اثر سياحت تي پوي ٿو. هنن چيو ته نئون ڪوٽ قلعي جهڙي تفريحي ماڳ تي ملڪ سميت ٻاهرين ملڪن مان به ماڻهو پنهنجي فيملي سان گڏ گهمڻ لاءِ اچن ٿا. هنن خدشو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن اهڙي نوعيت جا واقعا جاري رهيا ته سياح هن پاسي جو رخ ڪرڻ ڇڏي ڏيندا، جنهن جي نتيجي ۾ تفريحي ماڳ ويراني جو شڪار ٿي ويندا ۽ مقامي ماڻهن جو روزگار پڻ متاثر ٿيندو. سماجي اڳواڻن ۽ دانشورن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي تاريخي ورثي کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، جڏهن ته غيراخلاقي حرڪتون نوجوان نسل لاءِ غلط مثال قائم ڪن ٿيون. هنن مطالبو ڪيو ته ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.