نئون ڪوٽ: ايل بي او ڊي ۾ پاڻي وڌي ويو، بند ڪمزور،گهارن جو خطرو

جُولاءِ 26, 2023

نئون ڪوٽ(رپورٽ: پيارعلي نهڙيو) نئون ڪوٽ ڀرسان گذرندڙ ايل بي او ڊي اسپائنل ڊرين ۾ پاڻي جي مسلسل چاڙهه ٿيڻ سبب علائقي واسي خوف ۾ مبتلا ٿي ويا

 ڊرينج انتظاميا موجب ايل بي او ڊي اسپائنل ڊرين مان هن وقت آر ڊي 305 وٽان 4000 ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گذري رهيو آهي، جڏهن ته 12 ڪلاڪن دوران وڌيڪ پاڻي جو وهڪرو گذرندو

 ڊرينج انتظاميا موجب نارا ڪئنال جو پاڻي ايل بي او ڊي ۾ ڇوڙ ڪرڻ سبب پاڻي جي سطح ۾ 12 ڪلاڪن دوران ڏيڍ فٽ تائين اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته ايل بي او ڊي ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ بعد علائقي واسين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي

 ان حوالي سان علائقي واسين موسيٰ احمداڻي، عمر احمداڻي، اياز کوسو، الياس جوڻيجو ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل سال ايل بي او ڊي ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ بعد پراڻ ندي، هاڪڙو درياءَ کي مختلف هنڌن تان گهارا پوڻ ڪري پنگريو، ملڪاڻي شريف، جهڏو، روشن آباد، نئون ڪوٽ، ۽ ڪلوئي جا بئراجي جا علائقا  شديد متاثر ٿيا هئا

 150 جي لڳ ڀڳ ڳوٺ ۽ 80 هزار ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي تباهه ٿي ويو هو، 6 مهينن تائين پاڻي ڳوٺن ۾ بيٺل رهيو جنهن جي ڪري علائقي واسي ڪيترائي مهينا رستن ڪناري بي يارو مددگار ويٺل رهيا

 هنن چيو ته ٻوڏ دوران آبپاشي کاتي جي وزير سميت چونڊيل نمائندن ايل بي او ڊي جا بند مضبوط ڪرڻ جا دلاسا ڏنا هئا ۽ پراڻ ۽ هاڪڙي دريا کي  سائفن ڏئي ايل بي او ڊي کان الڳ ڪرڻ جا واعدا ڪيا هئا مگر ٻوڏ بعد صرف ايل بي او ڊي ۽ پراڻ ۽ هاڪڙي تي چند ڪلوميٽرن ۾ نالي ماتر ڪم ڪيو ويو آهي

 جڏهن ايل بي او ڊي، پراڻ ۽ هاڪڙي جي ڪا به کاٽي ناهي ڪرائي وئي نه ئي قدرتي وهڪرن جا لنگهه بحال ڪيا ويا آهن، هنن چيو ته  ايل بي او ڊي جي آرڊي 275 کان 211 تائين کاٽي سميت بندن جو ڪوبه ڪم نه ڪيو ويو

 جنهن جي ڪري ايل بي او ڊي جا بند انتهائي ڪمزور آھن، ڪنهن به وقت ڪٿان گهارو لڳي ويو ته وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو جنهن کي قابو پائڻ انتهائي مشڪل ۽ نامڪمن هوندو هنن چيو ته ڊرينج انتظاميا ۽ سنڌ سرڪار اڳواٽ اپاءَ وٺي ته جئين هي علائقا ٻڏڻ کان بچي سگهن

 ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او ڊرينج ظفر الله سومرو ٻڌايو ته نارا ڪئنال جو پاڻي ايل بي او ڊي ۾ ڇوڙ ڪرڻ سبب پاڻي ۾ جي سطح ۾ اضافو ٿيو آهي، هن وقت پاڻي جو گيج 13 فٽ آهي 12 ڪلاڪن دوران اڃا وڌيڪ پاڻي ۾ چاڙهه ٿيندي جنهن بعد لاٿ اچڻ شروع ٿيندي

Leave A Comment