نئون ڪوٽ مان مبينا اغوا ناري جو پتو نه پيو، احتجاج

نئون ڪوٽ مان مبينا اغوا ناري جو پتو نه پيو، احتجاج

نئون ڪوٽ (رپورٽر) نئون ڪوٽ ڀرسان مبينا اغوا ٿيل ناري جنت ماڇي جو پتو نه پيو، ڳوٺ جاني احمداڻي جي رهواسين عرس ماڇي ،اميرزادي ۽ ٻين نئون ڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته هفتو اڳ هٿياربندن اسان جي گهر ۾ گهڙي نياڻي کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد اغوا ڪري کڻي ويا آهن، جنهن جو هفتو گذرڻ باوجود ڪو پتو پئجي ناهي سگهيو،  اسان نئون ڪوٽ پوليس وٽ به وياسين پوليس ناري بازياب ڪرائي ڏيڻ بجاءِ وڏيري جي اوطاق تان چانھ پيئي موٽي آئي، اسان مسڪين ماڻهون آهيون جنهن جي ڪري ڪير دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته علي نواز ماڇي، گل حسن ، محمد حسن ۽ ٻين گهر ۾ داخل ٿي نينگري کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد اغوا ڪري ويا، اسان کي خدشو آهي ڪٿي ناري کي قتل نه ڪري ڇڏين هنن ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ناري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.