نئون ڪوٽ ٽائون لاءِ 37 ڪروڙ 73 لک رپين جي بجيٽ پيش

جُولاءِ 19, 2023

نئون ڪوٽ (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي نئون ڪوٽ پاران سال 24- 2023 جو بجيٽ اجلاس ٽائون هال نئون ڪوٽ ۾ چيئرمين  نور محمد منڌرو جي صدارت ۾ ٿي گذريو

 سال 24- 2023 لاءِ 37 ڪروڙ 73 لک 11 هزار 537 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي. هڪ لک 10 هزار 551 رپيا بچت ڏيکاري وئي، ملازمن جي پگهارن لاءِ 20 ڪروڙ 90 لک 50 هزار 927 رپيا، ڪچن سينيٽري ورڪرز جي پگهار لاءِ هڪ ڪروڙ 50 لک

 ترقياتي ڪمن جي مد ۾ 9 ڪروڙ، چيئرمين وائيس چيئرمين جي آفيس خرچن لاءِ 4 ڪروڙ، ڪمپيوٽر، جنريٽر، ايئر ڪنڊيشنر جي خريداري لاءِ 6 لک، پريس ڪلب لاءِ 2 لک، آزادي ڏهاڙي لاءِ 5 لک، شاگردن جي اسڪالرشپ لاءِ هڪ لک 50 هزار رپيا مختص ڪيا ويا

 ملازمن کي حج عمرو ڪرائڻ لاءِ 6 لک، قدرتي آفت جي مد ۾  38 لک، هينڊ پمپ ۽ گنديون لڳائڻ لاءِ 15 لک، ٽائون ڪميٽي جي گاڏين جي مرمت لاءِ 20 لک، پيٽرول لاءِ 90 لک، فائر برگيڊ جي مرمت لاءِ 6 لک ۽ ڪتا مار مهم لاءِ 3 لک رپيا رکيا ويا

 ان کان علاوه واٽر سپلاءِ موٽرن جي مرمت ۽ پائيپ لائين لاءِ 40 لک، پاڻي جو ٽينڪ خريد لاءِ 15 لک، واٽر سپلاءِ جي صفائي لاءِ 25 لک، فلٽر پلانٽ لاءِ 28 لک، جڏهن ته پبلڪ پارڪ جي بهتري لاءِ 12 لک رپيا رکيا ويا آهن

 اجلاس کي خطاب ڪندي ٽائون چيئرمين نور محمد منڌري چيو ته عوام اهم ذميواري سونپي آهي، سندن اميدن تي پورو لهنداسين. بعد ۾ ٽائون ميمبرن بجيٽ جي يڪراءِ منظوري ڏني.

Leave A Comment