نئون ڪوٽ ( ن پ ا) نئون ڪوٽ پوسٽ آفيس ۾ 25 لکن جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي، شهرين طرفان فراڊ جو الزام هنيو ويو آهي
نئون ڪوٽ( نئون ڪوٽ پوسٽ آفيس ۾ 25 لکن جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي، شهرين پاران جمع ڪرايل بجلي بل ٻيهر لڳي آيا آهن
صارفين پاران اپريل مهيني ۾ پوسٽ آفيس نئون ڪوٽ ۾ جمع ڪرايل بل حيسڪو جي اڪائونٽ ۾ جمع نه ٿيڻ سبب بجلي واهپيدار پريشان ٿي ويا آهن
شهرين جو چوڻ آهي ته پوسٽ آفيس انتظاميا جي نااهلي جو نوٽيس وٺي اختياريون اسان کي پريشاني مان ڇوٽڪارو ڏيارين
هوڏانهن حيسڪو جي ايس ڊي او جو چوڻ آهي ته اسان جي کاتي ۾ نئون ڪوٽ ۾ جمع ڪرايل بلن جا 25 لک ناهن آيا