نئون ڪوٽ ۾ رئيس خلاف پوسٽون هلائڻ تان کنڀيل نوجوان آزاد: تشدد ۽ 2 لک ڀنگ وٺڻ جا الزام

نئون ڪوٽ ۾ رئيس خلاف پوسٽون هلائڻ تان کنڀيل نوجوان آزاد: تشدد ۽ 2 لک ڀنگ وٺڻ جا الزام

نئون ڪوٽ (رپورٽر) رئيس عارف ڀرڳڙي خلاف فيس بوڪ تي پوسٽ رکڻ جي ڏوھه ۾ ٿرپارڪر جي وڄوٽو پوليس جي حد سنتورو فارم مان هفتو اڳ نامعلوم ماڻهن پاران کنڀي گم ڪيل نوجوان ميرپورخاص مان آزاد ٿي ويو، جنهن بعد نوجوان والد سان گڏ نئون ڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، نوجوان اعجاز چانڊيو چيو ته هفتو اڳ رات جي وقت نامعلوم هٿياربند اسانجي سنتورو فارم واري گهر ۾ داخل ٿي اکين تان پٽي ٻڌي کنڀي کڻي ويا، مختلف هنڌن تي ٽارچر سيلن ۾ رکي تشدد ڪندا رهيا، هن چيو ته تشدد ڪندڙن جو چوڻ هو ته رئيس عارف ڀرڳڙي خلاف فيس بوڪ تي پوسٽ ڇو رکي، توکي پوليس هٿان ھاف فرائي ڪرائينداسين، جنهن ۾ بابا جو سئوٽ ناظم چانڊيو پڻ شامل هو، نوجوان الزام هڻندي چيو ته ڪجهه وقت اتي رکڻ بعد مونکي ڪوڙي مقابلي ۾ ھاف فرائي ڪرڻ لاءِ ميرپورخاص پوليس حوالي ڪيو ويو، جتان منهنجي والد کي خبر پئي جنهن اتي پهچي  2 لک رپيا ڀنگ ڏئي آزاد ڪرايو آهي، هن چيو ته اسانجو پلاٽ تان تڪرار هلندڙ هو جنهن جو فيصلو عارف ڀرڳڙي ڪيو بعد ۾ سامهون واري ڌر فري وئي ته مون فيس بوڪ تي اها ڳالھه ڪئي جنهن تان بااثر ڏمرجي پيا، نوجوان جي والد ٻڌايو ته آئون  هڪ هفتي کان ٿرپارڪر جي وڄوٽو پوليس ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ٿڪي پيس پر پوليس ڪابه مدد نه ڪئي، معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل ڌر سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رابطو ٿي نه سگهيو.