نئون ڪوٽ ۾ مالهي ڪرڪيٽ ليگ عمرڪوٽ اليون کٽي ورتي: سامارو کي شڪست

نئون ڪوٽ ۾ مالهي ڪرڪيٽ ليگ عمرڪوٽ اليون کٽي ورتي: سامارو کي شڪست

نئون ڪوٽ(رپورٽر) نئون ڪوٽ ۾ مالھي ڪرڪيٽ ليگ جو فائنل عمرڪوٽ اليون پنهنجي نانءُ ڪري ورتو، خبر موجب نئون ڪوٽ جي پبلڪ پارڪ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ٽن ڏينھن تي مشتمل ڪرڪيٽ ليگ ٿي گذري جنھن ۾ مختلف شهرن جي ڏهن ٽيمن حصو ورتو، جن مان عمرڪوٽ اليون ۽ سامارو اليون فائنل ۾ پھتيون، سامارو اليون ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي پنجن اورن ۾ 61  رنسون ٺاھي فائنل کٽڻ لاء 62 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جنھن ۾ عمرڪوٽ اليون جي رانديگر سنجي مالهي شاندار بيٽنگ ڪندي 3 اورن ۾ فائنل کٽي ورتو، ان موقعي تي مالهي  ڪرڪيٽ ليگ نئون ڪوٽ جي مھمان خاص سابق ايم اين اي  لال مالهي، رميش ڏيون ڪمار، رميش مکي ، ڪيلاش جکرو، ٽائون چيئرمين نئون ڪوٽ نور محمد منڌرو، ڪائونسلر لڄپت مالهي رانديگرن ۾  انعام ورھايا ،ان موقعي تي رانديگرن ۽ شهرين  چيو ته اهڙن ايونٽن سان نه رڳو نوجوانن جي صلاحتين کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، پر صحتمند سرگرمين ذريعي سماج ۾ بهتري پڻ اچي ٿي. مالهي برادري پاران کنيل هي قدم ساراهه جوڳو آهي، ۽ اميد آهي ته مستقبل ۾ به اهڙا ايونٽ جاري رهن