نئون ڪوٽ ۾ نوجوان پاران وياجين کان تنگ ٿي پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

آڪٽوبر 19, 2023

نئون ڪوٽ (رپورٽر) نئون ڪوٽ ۾ جهڏو واسي نوجوان پاران وياج خور کان تنگ اچي  احتجاج دوران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش، شهرين پهچي کيس  بچائي ورتو

خبر موجب جهڏو واسي نوجوان پاران نئون ڪوٽ ۾ احتجاج دوران پيٽرول جي  بوتل هٿ ۾ کڻي پاڻ کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي اتي بيٺل شهرين پهچي کيس بچائي ورتو آهي

نوجوان گل حسن دلواڻي جو چوڻ هو ته جهڏو جي وياج خور واپاري وٽ چار سال کان چيڪ بڪ ۽ اي ٽي ايم پاڻ وٽ گروي رکي ڇڏيا آهن، جيڪو واپس نه پيو ڏي، جنهن جي ڪري منهنجا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن

هن چيو ته جڏهن ته جهڏو پوليس به وياج خور سان ٻٽ بڻيل آهي، تنگ ٿي مون اڄ پاڻ مٿان پيٽرول هاري ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي شهرين بچائي ورتو آهي

Leave A Comment