| نئون ڪوٽ ۾ پنهنجي اخبار جي ايڪتا سڏ جي ساراهه |
نئون ڪوٽ(ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ڪوٽ پاران ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي ايڪتا واري عنوان منشيات کان پاڪ سنڌ جي ساراهه، ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو عزم، خبر موجب سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ڪوٽ جي دستوري گڏجاڻي شاعر عليم سومرو جي صدارت هيٺ نئونڪوٽ پريس ڪلب ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ ساس سيڪريٽري اياز رضوي، ڪائونسلر حفيظ سنڌي، پيار علي نهڙيو، وفا محمود ، عيسيٰ نهڙيو ، مصطفيٰ خاصخيلي، ڪيلاش شرما ۽ ٻين شاعرن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجون نڪور تخليقون پيش ڪيون ۽ شاعرن ۽ اديبن ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي ايڪتا واري عنوان منشيات کان پاڪ سنڌ جي ساراهه ڪئي ۽ هنن چيو ته منشيات کان پاڪ سنڌ اسان سڀني جو گڏيل خواب آهي، سنڌ جو نوجوان نسل منشيات سبب تباھه ٿي رهيو آهي، اسان هن ڀيري ايڪتا منشيات کان پاڪ سنڌ جي سري هيٺ ملھائي منشیات جي خاتمي لاءِ ڀرپور آواز بلند ڪنداسون.