| نئون ڳوٺ ويجهو ناري قتل جي ٻيهر جاچ، انڪوائري ٽيم پهتي، مسجد ۾ ڳوٺاڻن کان قرآن پاڪ تي بيان |
نئون ڳوٺ (رپورٽ: خورشيد لاکير) نئون ڳوٺ لڳ ڳوٺ مٺو ماڇي ۾ ڏيڍ مھينو اڳ قتل ٿي ويل شادي شدھ ناري ناھيد سولنگي جي ڪيس جي ٻيھر انڪوائري شروع ٿي وئي، ايس ايس پي دادو آفيس ۾ ناري جي قتل الزام ۾ گرفتار جوابدارن جي امڙ سبحان خاتون پاڪ ڪتاب کڻي ڪملپين سينٽر تي درخواست ڏني ھئي ته فريادي ڌر ناھيد سولنگي تي ڪارنھن جو الزام ھڻي پاڻ قتل ڪري الزام منهنجي پٽن تي مڙھيو آھي معاملي جي قرآن پاڪ تي انڪوائري ڪرائي وڃي جيئن نياڻي جي اصل قاتلن کي پڪڙي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي اسان بيگناھن سان انصاف ڪيو وڃي اھڙي درخواست بعد ايس ايس پي دادو پاران انسپيڪٽر مختيار احمد سميت 4 پوليس آفيسرن تي مشتمل انڪوائري ٽيم مقرر ڪئي ھئي جنهن گذريل ڏينهن ڳوٺ مٺو ماڇي پھچي مسجد شريف ۾ ڳوٺاڻن جا قرآن پاڪ تي بيان ورتا ۽ جاء واردات جو پڻ معائنو ڪيو اھڙي عمل بعد فريادي ڌر توڙي نئون ڳوٺ پوليس کي انڪوائري معاملي کان پري رکيو ويو ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آ ته ڳوٺاڻن بيان ۾ ٻڌايو آھي ته ناري کي سندس وارثن قتل ڪيو آھي جڏهن ته افواھ آھن ته قتل ٿي ويل ناري ناھيد رات جو ساڳي ڳوٺ ۾ پوليس اھلڪار جي گھر ۾ پناھ ورتي ھئي جنهن کي وارثن ڳولي صبح سوير گھر اندر گوليون ھڻي ماري لاش گھٽي ۾ ڦٽو ڪيو ھو ، رابطي ڪرڻ تي انڪوائري آفيسر انسپيڪٽر مختيار احمد کوکر ٻڌايو ته مان انڪوائري ڪري ايس ايس پي دادو کي لکت ۾ رپورٽ ڏني آھي نياڻي جي خون سان انصاف ٿيندو.