نئين آدمشماري منظور ٿيڻ تي آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي

آگسٽ 5, 2023

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) سي سي آءِ پاران جيڪڏهن نئين ڊجيٽل آدمشماري جي منظوري ڏني وئي ۽ ان جي روشني ۾ نئين ڊجيٽل آدمشماري کي لاڳو ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ته عام چونڊون ڪرائڻ وارو مامرو دير جو شڪار ٿي ويندو

نئين آدمشماري جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جي صورت ۾ ان آدمشماري جي انگن اکرن تحت چئني صوبن ۽ اسلام آباد لاءِ قومي اسيمبلي ۾ سيٽون آئين جي آرٽيڪل 51 ۾ طئي ڪري شامل ڪرڻيون پونديون، جنهن لاءِ آئيني ترميم جي ضرورت پوندي

جيڪڏهن تڙ تڪڙ ۾ هي حڪومت آئيني ترميم ڪرائڻ به چاهي ته منظور نه ٿي ڪرائي سگهي، ڇو ته هن وقت قومي اسيمبلي ۾ آئيني ترميم لاءِ گهربل 228 ميمبرن جو تعداد موجود ناهي، آئين ۾ ترميم نه ٿيڻ جي صورت ۾ مامرو بند گهٽيءَ ۾ هليو ويندو

اليڪشن ڪميشن به آئين جي آرٽيڪل 51 جي شق 5 تحت پابند آهي ته نئين آدمشماري جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جي صورت ۾ انهن انگن اکرن تحت تڪ بنديون ڪري، جنهن ڪري ملڪ ۾ عام چونڊن جو عمل دير جو شڪار ٿي سگهي ٿو

Leave A Comment