نئين آمريڪي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان ونر، ڀارت لوزر قرار

نئين آمريڪي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان ونر، ڀارت لوزر قرار

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي ميگزين دعويٰ ڪئي آهي ته ٽرمپ جي نئين پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان ونر ۽ ڀارت لوزر قرار ڏنو ويو آهي، آمريڪي مئگزين فارن پاليسي ۽ دي ڊپلوميٽ پاڪستان کي عالمي ڌيان جو مرڪز قرار ڏئي ڇڏيو، دي ڊپلوميٽ مئگزين ۾ شايع ٿيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته واشنگٽن ۾ توازن پاڪستان جي حق ۾ ويو، پاڪستان اهو ڪجهه حاصل ڪيو جيڪو ڪيترائي اتحادي نه ڪري سگهيا، اعتماد ۽ پهچ، آمريڪا جي ويجهو پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر قابل قدر ۽ ڪارائتو ڀائيوار بڻجي ويو، 2025ع پاڪستان لاءِ اسٽريٽجڪ واپسي ۽ عسڪري اعتماد جو سال ثابت ٿيو آهي، عسڪري قيادت رياستي سطح تي انتهاپسندي خلاف واضح ۽ مضبوط پيغام ڏنو ته جهاد جي اعلان جو اختيار رڳو رياست وٽ آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جو پيغام انتهاپسندي خلاف اهم سنگ ميل آهي.