واشنگٽن/تهران (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جنگبندي کي آبنائي هرمز کي کولڻ سان مشروط ڪري ڇڏيو، ايران کي تباهه ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪندي چيو ته نئين ايراني رجيم جي صدر جنگبندي جي هاڻي درخواست ڪئي آهي، ٽرمپ ڌمڪي ڏني ته درخواست تي تڏهن غور ڪنداسين جڏهن هرمز لنگهه کلندو ۽ مڪمل محفوظ هوندو ، پر لڳي ٿو ته ان وقت تائين شايد اسان ايران کي مڪمل طور تباهه يا وري پٿر جي دور ۾ اماڻي ڇڏينداسين، ايران جوهري هٿيار حاصل نه ڪندو، نه ئي حاصل ڪرڻ چاهيندو، جوهري مواد جي سيٽلائيٽ مانيٽرنگ ڪنداسين، آمريڪا جو مقصد ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ هو، ايران ايندڙ 4 کان 5 سالن تائين ايٽمي هٿيار نه ٺاهي سگهندو، ايران کي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۾ 20 سال لڳي ويندا، سمورن ليڊرز جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽرٿ تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ چيو ته نئين ايراني رجيم جو صدر پهريان وارن کان ڪيترو ئي گهٽ شدت پسند ۽ ڪيترو ئي وڌيڪ ذهين آهي، ان کان اڳ اوول آفيس ۾ ڳالهين دوران ٽرمپ جنگ جلد ختم ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته معاهدو ٿئي يا نه ٿئي پر آمريڪا ايران مان ٻن ٽن هفتن ۾ نڪري ويندو، هوڏانهن برطانوي اخبار دي ٽيليگراف سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو ڪڏهن به نيٽو کان متاثر نه ٿيو آهي. هن چيو ته هو هميشه ڄاڻي پيو ته نيٽو هڪ ڪاغذي شينهن آهي ۽ روسي صدر پيوٽن به اها ڳالهه ڄاڻي ٿو. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هو آمريڪا جي نيٽو کان ڌار ٿيڻ بابت سنجيدگي سان غور ڪري رهيو آهي. جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستاني وقت موجب اڄ صبح 6 وڳي آمريڪي قوم کي خطاب ڪندو، هوڏانهن ايران صدر ٽرمپ جي جنگبندي واري درخواست جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪي صدر جي دعويٰ رد ڪندي چيو ته ايران جنگبندي لاءِ ڪنهن کي درخواست ناهي ڪئي، نقصان جي ازالي تائين جارح کي سزا ڏيندا رهنداسين. جڏهن ته ايراني پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته آبنائي هرمز تي ايران جو ڪنٽرول مضبوط آهي، ٽرمپ جي بيانن سان دشمنن لاءِ آبنائي هرمز نه کلندو.