نئين بجيٽ جون تياريون: هلندڙ اسڪيمن لاءِ 80 سيڪڙو فنڊ الاٽ: نيون رٿائون به طلب  

نئين بجيٽ جون تياريون: هلندڙ اسڪيمن لاءِ 80 سيڪڙو فنڊ الاٽ: نيون رٿائون به طلب  

ڪراچي: سنڌ ڪابينا صوبائي ۽ ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام اي ڊي پي 2026-27 لاءِ هدايتن جي منظوري ڏني۔ ڪابينا سمورن انتظامي کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن کي حڪومت جي معاشي ايجنڊا سان  سلھاڙي، انهي ڳالهه کي يقيني بڻائين ته نيون اسڪيمون منظور ٿيل ترقياتي حڪمت عملي سان مطابقت رکن ۽ نتيجا واضح ۽ ماپڻ جهڙا هجن۔ موسمياتي مزاحمتي ترقي، ٻوڏ متاثر انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ مڪمل ٿيڻ، ۽ پرڏيهي تعاون سان ھلندڙ منصوبن لاءِ ڪائونٽرپارٽ فنڊ مختص ڪرڻ تي زور ڏنو ويو۔ وڏي وزير کاتن کي هدايت ڪئي ته ملٽي ڊائمينشنل پوورٽي انڊيڪس، مردم شماري ۽ ايم آءِ سي ايس جهڙن جديد ڊيٽا ذريعن کي استعمال ڪندي مقداري هدف مقرر ڪن، پي اينڊ ڊي ڊي ڪاميٽي ذريعي اسڪيمن جي ڊبلنگ کان بچن ۽ سڀني اي ڊي پي اسڪيمن جي جي پي ايد ٽئگنگ ۽ آن لائن تصديق کي يقيني بڻائين، جاري اسڪيمن کي ترجيح ڏيندي گهٽ ۾ گهٽ 80 سيڪڙو بجيٽ انهن لاءِ مختص ڪئي وڃي، جڏهن ته مڪمل ٿيڻ جي ويجهو يا علامتي فنڊنگ واري اسڪيم کي منظم، مرحليوار ختم يا حذف ڪيو وڃي جڏهن ته نيون اسڪيمون اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري کانپوءِ تيار ڪيون وڃن. کاتن کي مالي پابندين وارن منصوبن لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جا گس پڻ ڳولڻ جي هدايت ڪئي وئي۔ ضلعي اي ڊي پي 2026-27 لاءِ سڀني ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي وئي ته ضلعي اسڪيمن جي بروقت تياري ۽ منظوري کي يقيني بڻائين، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ڪمشنر پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪندا، وڏي وزير هدايتن ڪئي ته رٿائڻ ۾ نجي زمين جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي