| نئين بجيٽ جي تياري: تجويزون طلب، ٽيڪس پاليسي اختيار ايف بي آر کان واپس، ناڻي وزارت حوالي |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت نئين بجيٽ 27/2026 جي تياري شروع ڪري ڇڏي. ڪاروباري سيڪٽر کان 30 جنوري 2026 تائين بجيٽ تجويزون طلب ڪيون ويون، ٽيڪس پاليسي هاڻي ايف بي آر بدران ناڻي وزارت تيار ڪندي۔ ٽيڪس پاليسي آفيس کي ٽيڪس سڌارن جي مڪمل ذميواري ڏني وئي. بجيٽ ٺاهڻ ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت جو فيصلو ۽ ترجيححون طئي ڪيون ويون۔ ناڻي وزارت مطابق نئين بجيٽ ۾ صنعتن تي ٽيڪس جو بار گهٽائڻ تي غور ويچار ڪيو ويندو. برآمدات وڌائڻ ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي کي ترجيح قرار ڏنو ويو آهي. حڪومت مينوفيڪچرنگ ۽ صنعتي ترقي کي هٿي ڏيڻ جو عزم ڪيو آهي. نئين بجيٽ ۾ آءِ ٽي ۽ ڊجيٽل معيشت جي فروغ لاءِ ٽيڪس سهولتن تي به غور ڪيو ويندو. ماحول دوست ۽ سستي توانائي منصوبن کي ترجيح ڏني وئي۔عورتن جي ملازمت ۽ نوجوانن جي روزگار تي خاص ڌيان ڏنو ويندو۔ ٽيڪس نظام مان پيچيدگيون ۽ ناانصافيون ختم ڪيون وينديون. ٽيڪس تجويزون اي ميل يا ڍاڪ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ناڻي وزارت بجيٽ تجويزن لاءِ خاص فارم پڻ جاري ڪري ڇڏيو۔ ٽيڪس تجويزن سان گڏ پس منظر، قانوني ترميمن جو جواز ڏيڻ لازمي هوندو۔ روينيو ۽ معاشي اشارن تي امڪاني اثرن بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ضروري قرار ڏنو ويو آهي.ٽيڪس تجويزن جو ڪنهن خاص ڪاروباري شعبي تي امڪاني اثر به واضح ڪرڻو پوندو۔صرف مضبوط ۽ ٺوس ٽيڪس تجويزن کي بجيٽ سازي دوران ترجيح ڏني ويندي۔