| نئين بجيٽ ۾ به آءِ ايم ايف جا سخت شرط: ڳالهيون شروع: پاڪستان کي 1.3 ارب ڊالر جي نئين قسط ملي وئي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف مشن وچ ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بابت باضابطا ڳالهيون شروع ٿي ويون. ناڻي وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف مشن کي ملڪ جي معاشي صورتحال، مالي حڪمت عملي، سڌارن جي ترجيحن ۽ پائيدار معاشي استحڪام بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. آءِ ايم ايف معاشي استحقام برقرار رکڻ ۾ حاصل ڪيل پاڪستان جي مثبت پيشرفت کي ساراهيو. ناڻي وزارت ۾ آءِ ايم ايف مشن ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران معاشي سڌارن، معاشي استحڪام تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. پاڪستان جي دوري تي آيل آءِ ايم ايف مشن جي اڳواڻي مس ايوا پيٽرووا ڪري رهي آهي. ملاقات دوران معاشي سڌارن، معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي واري حڪومتي ايجنڊا تي به غور ڪيو ويو. ناڻي وزير ۽ آءِ ايم ايف مشن وچ ۾ ميڪرو اڪنامڪ آئوٽ لُڪ بابت پڻ مشاورت ڪئي وئي. ملاقات ۾ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد، ايف بي آر چيئرمين، سيڪريٽري ناڻي امداد الله بوسال ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. ناڻي وزير مشن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان جي پرڏيهي شعبي ۾ اڳڀرائي تمام بهتر آهي، برآمدات ۾ ماهوار ۽ سالياني اضافو رڪارڊ ٿي رهيو آهي، جيڪا معيشت جي مضبوط ٿيڻ جو ثبوت آهي. معاشي استحڪام لاءِ ڪوششن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، پر حڪومت درپيش چئلينجن کان مڪمل طور واقف آهي. حڪومت ڊگهي مدي واري ترقي متاثر ڪرڻ کان سواءِ سڌارن کي وڌيڪ بهتر ڪندي، سڌارن جو ايجنڊا عالمي ماهرن سان مشاورت سان تيار ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف مشن ناڻي واري وزارت سميت خاص پاليسي ونگ، اسٽيٽ بينڪ، ايف بي آر، توانائي وزارت، پرائيويٽائيزيشن ڪميشن ۽ صوبائي حڪومتن سان به ملاقاتون ڪندو. ذريعن موجب حڪومت ڪراس سبسڊي جي خاتمي جي آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. هاڻي گيس ۽ بجلي تي رعايت استعمال بدران صارف جي آمدني جي بنياد تي ڏني ويندي. گهٽ آمدني وارن گهرن جي سڃاڻپ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ڊيٽا استعمال ڪيو ويندو. پروٽيڪٽيڊ ۽ نان پروٽيڪٽيڊ صارفين کي سستي گيس فراهم ڪرڻ وارو موجوده نظام ختم ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. صنعتن، سي اين جي، ڪمرشل ۽ سيمينٽ شعبي تي ڪراس سبسڊي جو بار به ختم ڪيو ويندو. ذريعن موجب سڀني صارفين کان هڪجهڙو گيس ٽيرف وصول ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، صرف مستحق ۽ گهٽ آمدني وارن گهرن کي سڌي مالي مدد ڏني ويندي. ملڪ ۾ هن وقت گيس ٽيرف 1750 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو آهي، پروٽيڪٽيڊ صارفين ان کان گهڻو گهٽ اگهن تي گيس حاصل ڪري رهيا آهن. حڪومت آءِ ايم ايف کي گيس شعبي ۾ سڌارا مڪمل ڪرڻ جي به يقين ڌياني ڪرائي آهي.
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان 1.3 ارب ڊالر ملي ويا. آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان لاءِ 760 ملين ايس ڊي آر جي منظوري ڏئي ڇڏي، آر ايس ايف پروگرام تحت 154 ملين ايس ڊي آر جي ٻي قسط به منظور ڪئي وئي. اسٽيٽ بينڪ موجب مجموعي طور 914 ملين ايس ڊي آر وصول ٿيا آهن، جيڪي پاڪستاني رپين بدران ناڻي جي ذخيرن ۾ شامل ڪيا ويندا. هي رقم 15 مئي 2026ع تي ختم ٿيندڙ هفتي جي ناڻي ذخيرن ۾ ظاهر ٿيندي. واضع رهي ته آءِ ايم ايف بورڊ 8 مئي تي ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان جو ٽيون جائزو مڪمل ڪيو هو، انهن فنڊن سان پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي سهارو ملندو۔