نئين حڪومت معاشي پاليسين جي تسلسل مان فائدو کڻي(وزيراعظم) ڀرپور ساٿ ڏينداسين: پاڪ فوج
فيبروري 3, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ايپڪس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، نگران ڪابينا جي وزيرن، صوبائي وزيرن ۽ لاڳاپيل آفيسرن به شرڪت ڪئي، سيڙپڪاري منصوبن ۽ پاليسي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي، پڌرائي موجب ڪاميٽي دوست ملڪن سان اقتصادي لاڳاپن تي ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو، معاشي بهتري لاءِ کنيل قدمن جو به جائزو ورتو ويو. ايپڪس ڪاميٽي اسٽريٽجڪ ڪنالز ويزن 2030 ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ سڌارن جي به منظوري ڏني. پڌرائي موجب پاڪ فوج پاران ملڪ ۾ معاشي استحڪام ۽ ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي بهتري لاءِ حڪومتي قدمن تي ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو عزم ورجايو.نگران وزيراعظم چيو ته ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ ايس آءِ ايف سي جي قائم ڪيل معاشي هدفن جي رفتار مان فائدو کڻڻ گهرجي.