| نئين ديري ڀرسان ناري بعد ڪارنهن الزام هيٺ پيش امام به تشدد ڪري قتل |
نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ ڏاتر آگاڻي ۾ ناري بعد ڪارنهن الزام هيٺ مسجد جو پيش امام 50 ورهين جو عبدالحفيظ کهڙو به قتل ٿي ويو، ڪيٽي ممتاز پوليس ڳولا ڪري ڳوٺ ٻاهران پل ڀرسان لاش هٿ ڪري اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول پيش امام جي پٽ بلال کهڙو ٻڌايو ته والد مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام لڳائي بيگناھ قتل ڪيو ويو آهي. ظالمن اسان سان ظلم ڪيو. فون ڪري والد کي ٻاهر گهرايو ۽ چيو ته اسان کي عيد جا ڪپڙا سلائي ڪري ڏيندا ان جي ماپ لاءِ اسان سان ڳوٺ هلو پوءِ هنن والد کي وٺي وڃي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو آهي. مامري جي شفاف جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالغفور مغيري ٻڌايو ته مقتولا ناري سائره قتل ٿيڻ کان اڳ پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ ون فائيو تي اطلاع ڏنو ته کيس چاچا ۽ سوئٽ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيندا سندس حياتي بچائي وڃي. پوليس بروقت ڪارروائي ڪري جيئن ڳوٺ پهتي ته سائره زخمي حالت ۾ ڳوٺ جي گهٽي ۾ پيل هئي جنهن کي نئون ديرو اسپتال منتقل ڪيو تيستائين هن دم ڏئي ڇڏيو. جتي اها ڄاڻ ملي ته جوابدارن ڳوٺ جي مسجد جي پيش امام حفيظ کهڙو کي به قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو هو جنهن بعد اسان ڳوٺ ۾ ٻيهر پهچي مقتول پيش امام جو لاش هٿ ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو آهي پيش امام کي قتل کان اڳ سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. جوابدارن فرار ٿي ويا آهن. جن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائيون جاري آهن. هوڏانهن ڪيٽي ممتاز ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي اي ايس آءِ عبدالڪريم جي فرياد تي گناھ نمبر 8/2026 قلم 302، 311، 334 تحت جميل آگاڻي، عامر آگاڻي، شهزادو آگاڻي ۽ هڪ اڻ سڃاتل سميت 4 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي. ياد رهي ته گذريل رات نئون ديرو ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ ڏاتر ڏنو آگاڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ 20 ورهين جي نوجوان ناري سائره ڌيءَ احمد بخش آگاڻي کي قتل ڪيو ويو هو.