نئين ديري ۾ بيدرديءَ سان قتل ڪيل واپاري جون آخري رسمون ادا، ڪيس داخل نه ٿيو، شٽربند هڙتال
جنوري 31, 2025
نئون ديرو(رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئون ديرو شهر جي مصروف شاهي بازار جي نم چوڪ تي ڪرياني جي دڪان تي بيدريءَ سان قتل ڪيل واپاري سنتوش ڪمار جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون، مقتول واپاري سنتوش ڪمار جو مڙهه گهر کان مندر آندو ويو، جتي مٿو ٽيڪڻ بعد مقتول جي وصعيت موجب اگني سنسڪار ڪرڻ بدران نئون ديرو ڀرسان درگاھه پير جان محمد جي پيرانديءَ واري پاسي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنهن بعد اجتماعي دعا گهري لنگر تقسيم ڪيو ويو. آخري رسمن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، واپاري جي قتل جي سوڳ ۾ شهر جي شاهي بازار، ريشم گلي، صرافه بازار، ڪپڙا بازار، ڪريانا مرچنٽ سميت شهر جا سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز سوڳ ۾ پاڻمرادو بند ڪيا ويا، گذريل ڏينهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري جي طرفان ايس پي هيڊ ڪوارٽر حسيب جاويد سومار ميمڻ جي نگراني ۾ جوڙيل جاچ ٽيم 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود هندو واپاري جي قتل جو ڪارڻ معلوم نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ڪي جوابدار گرفتار ڪري سگهيا آهن.
يتيم ڪري ظلم ڪيو ويو، پوليس تي اعتماد ناهي: آستا ڪماري
نئون ديرو: مقتول واپاري جي نياڻي نائين ڪلاس جي شاگردياڻي آستا ڪماري ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي پيءُ کي جوابدار بيگناهه قتل ڪري ويا آهن، منهنجي پيءُ فقيراڻي طبعيت جو ماڻهو هو، هو سڀني سان ڀلو هلندو هو، مون نياڻيءَ کي يتيم ڪري مون سان ظلم ڪري ويا آهن، منهنجو والد اسان سڀني سان پيار ڪندو هو، اسان جي هر خواهش پوري ڪندو، مان جيڪو لفظ زبان مان ڪڍندي هيس ته اهو پورو ڪندو هو، هن چيو ته منهنجي برٿ ڊي تي مان فرمائش ڪئي ته مون کي موبائيل وٺي ته بابا مون کي چيو ته مان توکي سون وٺي ڏيندس، مقتول جي نياڻي پوليس مٿان بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته مون کي پوليس مٿان ڪو به ڀروسو ناهي اسان کي پوليس جو ڪو به سهارو ناهي.
قتل کي ڪارنهن جو رنگ ڏيڻ انتهائي غلط آهي: شهري ايڪشن ڪاميٽي
نئون ديرو: هندو واپاري سنتوش ڪمار جي قتل واري واقعي تي شهري ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين غلام حيدر ناريجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان شهر جو امن امان خراب ٿي ويو آهي، شاهي بازار ۾ ڪجھه وقت لاءِ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو پر پوءِ انهن کي به هٽايو ويو، هي قتل آهي هن کي ڪارنهن جو رنگ ڏيڻ انتهائي غلط آهي، شهر جي هندو واپارين کي ڀتي لاءِ چٺيون ملنديون رهنديون آهن، ان باوجود ڪيترائي هندو توڙي مسلمان واپاري ڀتو ڏيندا رهندا آهن سنڌ حڪومت به نئون ديرو ۽ شهيدن جي شهر ڪري جڙيل آهي، پاڪستان جو صدر، سينيٽ چيئرمين ۽ سنڌ حڪومت پيپلزپارٽي جي آهي ان باوجود سنڌ وانا ۽ وزيستان بڻيل آهي. هي سسٽم جي خرابي آهي ٿاڻن تي مقرر پوليس آفيسر ۽ اهلڪار کي سياسي ماڻهن جي مرضي سان مقرر ڪيو ويندو آهي. هتي ايس ايس پي به مجبور هوندا آهن،هنن مطالبو ڪيو ته واپاري جي قتل ۾ ملوث اصل جوابدارن کي وائکو ڪري گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.
منهنجي ڀاءُ کي بيگناهه ماريو ويو، واقعي وقت پوليس موجود نه هئي: مونيڪا ڪماري
نئون ديرو: مقتول واپاري جي ڀيڻ مونيڪا ڪماري ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڀاءُ کي بيگناهه ماريو ويو، جنهن وقت دڪان تي واقعو پيش آيو، ان وقت دڪان تي مزدور، ڀيڻيوو ۽ ڀائٽيو موجود هو، پوليس ڪٿي به نظر نه آئي، منهنجو ڀاءُ بهترين اخلاق ۽ سٺي طبعيت جو مالڪ هو، هن چيو ته اسان حڪومت کي ڇا ٿا ڪري سگهو، اسان جي ڌڻيءَ کان سواءِ ڪنهن ۾ به اميد ناهي، هن دور ۾ ڀاءُ ڀاءُ جو ناهي ته پنچائت اسان لاءِ ڇا ڪندي؟
سي سي ٽي وي فٽيج هٿ ڪيا آهن، قتل واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي: پوليس
نئون ديرو: نئون ديرو ٿاڻي جي ايس ايچ او نثار بروهي جو چوڻ هو ته واپاري جي قتل واري واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري ڪئي پئي وڃي، مقتول جي موبائيل آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ کي ڏني آهي اهي جائزو وٺي رهيا آهن، ڪجهه سي سي ٽي ڦوٽيج هٿ ڪيا آهن، جن جي فارينزڪ ۾ جاچ جاري آهي، جديد ٽيڪنيڪل بنيادن ذريعي قاتل تائين پهچڻ جون ڪوششون جاري آهن جلد قاتل گرفتار ڪيا ويندا.
ڀاءُ والد کان وڌيڪ پيار ڏيندو هو، کيس ڇو قتل ڪيو ويو ؟ : سميتا ڪماري
نئون ديرو: مقتول واپاري جي ٻئي ڀيڻ سميتا ڪماري ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ڀاءُ بيگناهه هو، ان کي ڇو قتل ڪيو ويو؟ اسان پنهنجي ڀاءُ کي هر وقت ياد ڪندي روئي رهيا آهيون، هو اسان کي والد کان وڌيڪ پيار ڏيندو ۽ خيال رکندو هو، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري کين عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي.