نئين ديري ۾ گرگهل شاهه جي ميلي جي ٻي ڌمال، زبردست ملاکڙو

نئين ديري ۾ گرگهل شاهه جي ميلي جي ٻي ڌمال، زبردست ملاکڙو

نئون ديرو (ن پ ا) درگاهه شهيد گرگهل شاهه جو ساليانو ميلو جاري آهي، زائرين چادرون چاڙهي دعائون گهريون. ملاکڙي ۾ دلچسپ مقابلا ٿيا. مختلف پهلوانن زور آزمائي ڪري حريف پهلوانن کي ڦيراٽيون ڏئي پٽ تي دسي ڏندڻائي ڇڏيو. پهرين، ٻئي ۽ ٽئين جوڙ جي ملهه پهلوانن وچ ۾ زبردست مقابلا ٿيا. ملاکڙو ڏسندڙ هوڪرا ڪندا رهيا. ميلي جي خاص مهمانن سجاد چنو، رحمت الله موريو، راهب ڀٽو، اسد ڀٽو، فقير علي حسن چنو ۽ ٻين پوزيشن حاصل ڪندڙ ملهه پهلوانن کي روڪ انعام ۽ خوب داد پڻ ڏنو.