نئين سال تي هوائي فائرنگ: دادو ۽ حيدرآباد ۾ 9 ڄڻا گرفتار

نئين سال تي هوائي فائرنگ: دادو ۽ حيدرآباد ۾ 9 ڄڻا گرفتار

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۽ دادو ۾ نئين سال جي آمد جي موقعي تي فائرنگ تي پابندي ۽ سخت انتظامن کي نوجوانن ھوا ۾ اڏائي ڇڏيو . حيدرآباد سٽي تعلقي، لطيف آباد ۽ قاسم آباد ۾ ھوائي فائرنگ ۽ آتش بازيءَ کانپوءِ حيدرآباد پوليس پاران نئين سال جي موقعي تي ھوائي فائرنگ ڪرڻ جي الزام ھيٺ 5 ڄڻن کي گرفتار ۽ ھٿيار ھٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي حالي روڊ ـ مارڪيٽ ـ سخي پير ۽ اي سيڪشن ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا وياسخي پير پوليس محمد عرس ۽ محمد علي سمون کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان پستول ھٿ ڪري ورتا مارڪيٽ پوليس نسيم نگر واسي محمد سومر کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان رائفل ھٿ ڪري ورتي حالي روڊ پوليس مزمل پٺاڻ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان رائفل ھٿ ڪئي اي سيڪشن پوليس ٽنڊو ولي محمد واسي محمد ارسلان کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان پستول ھٿ ڪيو پوليس داخل ڪيل ڪيسن ۾ قتل جي ارادي جو قلم به شامل ڪري ڇڏيا نئين سال جي آجيان دوران فائرنگ سبب عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا ھئا. ٻئي پاسي دادو پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪندي چار نوجوانن کي گرفتار ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتا آهن. پوليس موجب نئين سال جي رات دوران ڪجھ نوجوانن پاران هوائي فائرنگ ڪرڻ ۽ غير قانوني هٿيار کڻڻ جون اطلاع ملڻ بعد مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا ويا، جنهن دوران مهتاب علي ملاح، مظهر علي، زوهيب هنڱورو ۽ فرحان پنهور کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن وٽان غير قانوني پسٽل ۽ گوليون برآمد ڪيون ويون آهن، گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتان کين عدالتي حڪم تحت جيل حوالي ڪيو ويو.