| نئين صوبي جي ڳالهه رڳو شوشو ۽ ذهني فتور آهي: ناصر شاهه |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته نئين صوبي جي ڳالهه رڳو شوشو ۽ ذهني فتور آهي. جيڪڏهن نئون صوبو ٺهندو ته ڪيتريون اسيمبليون ۽ ڪيتريون نيون آفيسون ٺاهڻيون پونديون؟ سنڌ جو بلدياتي نظام سڀ کان وڌيڪ بااختيار آهي. جيڪي ماڻهو پاڻ کي جمهوريت جا چيمپين سمجهن ٿا، انهن ئي ماضي ۾ مڪاني ادارن کي معطل ڪيو هو، جڏهن ته اسين انهن کي وڌيڪ بااختيار ڪري رهيا آهيون. ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز (آباد) جي آفيس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت رڳو ڪراچي ۾ نه پر سڄي سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي، هن اعتراف ڪيو ته شهر جي روڊن جي حالت خراب آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي ڪراچي ۾ انفراسٽرڪچر تي ڪم جاري آهي. ھن چيو ته وفاق کان سنڌ کي رڳو ڪجهه سيڪڙو حصو ملي ٿو. ڇا ڪراچي جي ترقي وفاق جي ذميواري ناهي؟ هن چيو ته سياسي پارٽيون ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ اسان تي تنقيد ڪن ٿيون. هن چيو ته اسان جي نيت تي شڪ نه ڪيو وڃي، اسين سڌاري طرف وڌڻ چاهيون ٿا. جنهن آفيسر خلاف شڪايت اچي ٿي، ان خلاف فوري ايڪشن ورتو وڃي ٿو. “ڪو به آفيسر اهڙو ناهي جنهن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي. هن چيو ته ڪراچي اهو واحد شهر آهي جتي ماڻهو گھمڻ لاءِ نه پر رهائش لاءِ اچن ٿا. هن چيو ته جنهن قسم جون قانون خلاف ورزيون هتي ٿيون، انهن جو تصور دبئي ۾ به نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته زمينن سان لاڳاپيل معاملن جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ آباد جا ميمبر به انهن معاملن ۾ شامل هوندا. “جيڪڏهن ڪو قبضو ڪندو آهي ته اها به ڪنهن ڊولپر يا بلڊر جي مدد سان ٿيندو آهي.”