نئين قانون جو نتيجو: اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون اوچتو ملتوي

سيپٽمبر 4, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون . اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن  موجب اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو شيڊول نوٽيفڪيشن ايندڙ حڪم تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ 9 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو شيڊيول جاري ڪيو  هو، اسلام آباد ۾ مڪاني حڪومتن جو 5 سالن جو مدو فيبروري 2021ع ۾ مڪمل ٿيو هو ۽ قانون موجب چونڊون 3 مهينن ۾ ٿيڻيون هيون. 27 آگسٽ تي اسلام آباد ميونسپل اليڪشن ترميمي بل 2024 قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو  ويو

Leave A Comment