نئين مالي پاليسي جو سڀاڻي اعلان
جُون 15, 2025
اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ سڀاڻي نئين مالي پاليسي جو اعلان ڪندي ، وياج جي شرح 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو امڪان
اسٽيٽ بينڪ سڀاڻي نئين مالي پاليسي جو اعلان ڪندي. وياج جي شرح 11 سيڪڙو تي رهڻ جي اميد آهي. ڊسمبر تائين افراط زر جي سراسري شرح اٺ سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
مرڪزي بينڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد جي صدارت ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي معاشي صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ پاليسي ريٽ جو اعلان ڪيو ويندو.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته مئي ۾ افراط زر جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين پهچي وئي، جڏهن ته ڊسمبر تائين افراط زر ۾ واڌ جي سراسري شرح 8 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
هن صورتحال ۾ وياج جي شرح 11 سيڪڙو تي رهڻ جي اميد آهي. گذريل سال جون کان وٺي پاليسي جي شرح ۾ 11 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي.