“نئين ملدا پته يار دا”!

جُون 20, 2023

 لڳ ڀڳ 10 سال اڳ هڪ پاڪستاني فلم رليز ٿي هئي “زنده ڀاگ” جي نالي سان. هي فلم لاهور ۾ رهندڙ ٽن دوستن جي ڪهاڻي تي ٻڌل آهي، جيڪي پنهنجي روزاني حالتن مان تنگ ٿي بهتر زندگي گذارڻ جا خواب کڻي غير قانوني طور پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. آئون ڀلجان نٿو ته اها 50 سالن ۾ آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ٿيل پهرين فلم هئي. انساني اسمگلنگ جهڙي حساس موضوع تي ٺهيل ان فلم آسڪر ايوارڊ ته نه ماڻيو پر ڪيترائي بين الاقوامي اعزاز پنهنجي نالي ڪيا ۽ پاڪستاني فلم انڊسٽري کي عالمي سطح تي مڃتا ڏياري.

انهيءَ فلم ۾ اسان جي پياري حسن مجبتيٰ جو هڪ ڪلام به شامل هو، “نئين ملدا پته يار دا”، جنهن کي راحت فتح علي خان ڳايو هو. اهو ڪلام مونکي ان وقت وري شدت سان ياد آيو، جڏهن يونان ويجهو پرڏيهي مسافرن سان ڀريل ٻيڙي اونڌي ٿي وئي، سوين مسافر جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل هئا، سمنڊ جي نذر ٿي ويا. انهن ٻڏي ويلن جو پتو سواءِ سمنڊ جي ٻئي ڪنهن کي به معلوم ناهي. جيڪي زنده بچي سگهيا، تن انهيءَ هنيانءَ ڏاريندڙ واقعي جا تفصيل ٻڌايا ته ڪيئن 700 کان وڌيڪ مسافر مڇيون پڪڙڻ واري ٽرالر ۾ هيٺان مٿان سٿي اٽلي لاءِ روانا ٿيا.

انهن مسافرن ۾ ڪيترائي نوجوان اهڙا هئا، جيڪي هڪ روشن مستقبل جا خواب اکين ۾ کڻي روانا ٿيا. ڪيترا اهڙا هئا، جن جي تمنا هئي ته سندن ٻار سٺي زندگي گذارين. اهي نتيجن کان بي پرواهه ٿي هڪ اهڙي سفر تي روانا ٿيا، جيڪو سندن زندگي جو آخري سفر بڻجي ويو. ميڊيائي رپورٽن موجب، انهن بدنصيب مسافرن ۾ ڪيترائي پاڪستاني شهري پڻ شامل هئا. هڪ اهڙي ئي نوجوان جي والد جو چوڻ هو ته هن پٽ کي ڪئين ڀيرا ٻاهر وڃڻ کان منع ڪيو ته جيڪا آهي رکي سکي هتي ئي کائي گذارو ڪنداسين پر پٽ تي ٻاهر وڃڻ جي ڌن سوار هئي.

ايجنٽ هن جي پٽ جو ايترو ته برين واش ڪري ڇڏيو هو، جو هو ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. هن ايجنٽ کي 22 لک رپيا ڏنا. انهيءَ بدنصيب نوجوان جي پيءُ موجب سندس پٽ وٽ ڪو سفري دستاويز نه هو، نه پاسپورٽ، نه شناختي ڪارڊ. هن کي فيصل آباد مان دبئي وٺي ويا. هو 2 ڏينهن اتي ترسيو، پوءِ مصر ۾ کين 6 ڏينهن ترسايو ويو. جنهن بعد هڪ جهاز ۾ کڻي لبيا پهچايو ويو. هن تريپولي ۾ 6 مهينا گذاريا. جنهن بعد پٽ جو آخري ٽيڪسٽ ميسيج اهو موصول ٿيو ته هو هڪ ٻيڙي ۾ سوار آهي، جنهن ۾ 500 کان 600 ماڻهو آهن، کين 4 کان پنج ڏينهن سمنڊ ۾ سفر ڪرڻو پوندو. ان کانپوءِ انهيءَ پيءُ کي پنهنجي پٽ جو ڪو پتو نه مليو ۽ هاڻ شايد ملي به نه سگهي. هو چوي ٿو ته جيڪڏهن سندس پٽ ٻڏي ويو آهي ته ان جو لاش ئي ڏيو ته جيئن دفنائي سگهون.

جنهن کي پاڻ انساني سمگلنگ يا اميگرنٽس سمگلنگ چئون ٿا، اهو لقاءُ ڪو نئون ڪونهي. ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جيڪي جنگ جي ور چڙهيل رهيا، گهرو ويڙهه يا غربت ۽ بيروزگاري جو عذاب ڀوڳيندا رهيا، تن مان ماڻهن جي سڌريل ملڪن ڏانهن خطرن سان ڀريل سفر جاري رهندو آيو آهي. ماڻهن جي ان بيوسي ۽ لاچاري انساني اسمگلرن جو اهڙو مضبوط نيٽ ورڪ جوڙي ورتو،

جنهن ڪيترن ئي ملڪن کي سخت پاليسيون ۽ قانون سازيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو. پاڪستان جي ڳالهه ڪجي ته هتان غير قانوني طور ماڻهن کي سمگل ڪرڻ جو پهريان روٽ ايران، پوءِ ترڪي ۽ پوءِ يونان هوندو هو. پر جڏهن يونان سختي ڪئي ته اهو روٽ تبديل ڪري ماڻهن کي ترڪي، پوءِ بلغاريه، سربيا کان ٿيندي هنگري ۾ پهچايو ويندو هو. پر سربيا وارن سرحد تي ڪنڊيدار تارون لڳائي جرمن شيفرڊ ڪتا بيهاري ڇڏيا. جيڪو به سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته اهي ڪتا سندن ٻوٽيون پٽي ڇڏيندا هئا. هاڻي جيڪو رستو استعمال ڪيو ويندو آهي اهو لبيا جو آهي. هتان جيڪي پاڪستاني اٽلي لاءِ روانا ٿيا، تن کي ان ساڳئي يعني لبيا واري روٽ سان نيو ويو هو.

گذريل سال انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مائگريشن پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته پوري دنيا ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي پنهنجي ملڪن مان جبري بي دخل ٿيل آهن، انهن  مان هڪ ڪروڙ پناهگير آهن ۽ باقي ماڻهن  غربت ۽ بهتر زندگي جي آسري ۾ گهر ڇڏيا آهن. رپورٽ موجب، رڳو گذريل سال 5 هزار ماڻهو غير قانوني طور سرحدون پار ڪندي مارجي ويا. سوال اهو آهي ته آخر ايترن حادثن هوندي به ۽ اها خبر هوندي به ته اهو جان جوکم جو ڪم آهي، پنهنجي زندگين کي داءُ تي لڳائي ماڻهن کي غير قانوني طور تي ٻاهر وڃڻ جي ڪشش ڇو آهي؟

اهو سوال جيترو سادو آهي، اوترو ئي منجهيل پڻ. پاڻ هتي افغانستان جي ڳالهه نٿا ڪريون، نه ئي لبيا، شام، سوڊان يا اهڙن ملڪن جي، جيڪي جنگين ۽ گهرو ويڙهه کي منهن ڏيندا رهيا، پر پاڻ انهن ملڪن خاص طور تي پاڪستان جي ڳالهه ڪريون ٿا، جن کي هاڻ اسرندڙ ملڪ به نٿو چئي سگهجي. هتي جمهوري حڪومتن جو تسلسل نه هجڻ، مستقل طور تي سياسي عدم استحڪام، معيشت جي بدحالي، حڪومتي پاليسين جو ناڪام هجڻ سميت مختلف عنصرن ملي ڪري اهڙو ماحول جوڙي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ عام ماڻهن لاءِ زندگي گذارڻ انتهائي مشڪل بڻجي ويو آهي.

هر ڏينهن وڌندڙ مهانگائي، روزگار جا محدود ٿيندڙ وسيلا، قوت خريداري جي اڻ هوند، بهتر ۽ معياري تعليم سميت صحت جي سهولتن جي کوٽ وچولي طبقي کي به غربت جي لڪير کان هيٺ آڻي بيهاريو آهي. ان صورتحال ۾ اهو پڙهيل لکيل طبقو به ملڪ ڇڏڻ لاءِ سوچي رهيو آهي، جيڪو هوند سکيو ستابو تصور ڪيو ويندو هو. اهي ئي اهي حالتون هجن ٿيون، جيڪي ماڻهن کي انساني اسمگلرن جي ور چاڙهي ڇڏين ٿيون. اهي کين هڪ سهاني مستقبل جا خواب ڏيکاري کانئن سموري جمع پونجي ته ڦري وٺن ٿا پر کين هڪ اهڙي خطرناڪ سفر تي اماڻي ڇڏين ٿا، جتان زنده بچي نڪرڻ کي فقط معجزو ئي سڏي سگهجي ٿو. جيڪي سرحدن تي پڪڙجي پون ٿا، پوءِ ايران جي سرحد هجي يا ترڪي جي، تن سان اتي جيڪو غير انساني سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، تنهن کي هو سڄي زندگي نٿا وساري سگهن.

انساني سمگلنگ هجي يا اميگرنٽس سمگلنگ، اهي ٻئي ڪڌا ڪاروبار پوري دنيا ۾ ڦهليل آهن، خاص طور تي يورپي ملڪ انهيءَ غير قانوني انساني آمد جي حوالي سان انتهائي حساس آهن، ان ڪري اتي قانون ۽ قانون تي عملداري به سخت آهي، ان باوجود به ان مافيا جو چار پوري دنيا ۾ وڇايل آهي، جيڪي مجبور ۽ بيوس ماڻهن کي ورغلائي پنهنجو شڪار بڻائين ٿا. سوال اهو آهي ته جن ملڪن مان هو آسرو لاهي هڪ اجنبي سرزمين جو رخ ڪن ٿا ۽ زندگي جو خطرو کڻن ٿا، اهي ملڪ انهيءَ انساني سمگلنگ جي حوالي سان ايترو حساس ڇو نٿا ٿين؟ اتي هو اهڙو ماحول ڇو نٿا پيدا ڪن، جنهن ۾ رهي ماڻهن کي عزت ڀريو روزگار ملي سگهي، هو پنهنجي ٻارن کي بهتر تعليم ۽ مستقبل ڏئي سگهن؟ ڇاڪاڻ ته اسان جهڙن ملڪن ۾ سياسي ڄنڊاپٽ مان ئي فرصت ڪانهي ته پوءِ هن ملڪ کي فلاحي رياست بڻائڻ لاءِ ڪير ويچاريندو؟ اسان وٽ رياست ته هونئن ئي سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻايل آهي، ٻيو ته ٺهيو توهان کي چوڪن چوراهن تي توبن ۽ جهازن جا ماڊل ته ملندا پر توهان کي ڪنهن به عالم يا اسڪالر جو مجسمو نه ملندو. جڏهن رياستي رويا ئي اهڙا هجن ته پوءِ انهن مان ڪهڙي توقع ڪري سگهجي ٿي ته اهي هن ملڪ ۾ ڀانت ڀانت جي مافيائن کي منهن ڏيندا يا انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين سخت سزائون ڏنيون وينديون. چوڻ لاءِ ته اهڙن معاملن جا ڪيس اسان وٽ به داخل ٿين ٿا، مثال طور هن يوناني ٻيڙي واري حادثي کي ئي ڏسو ته ان کانپوءِ ڪجهه گرفتاريون ته ڪيون ويون آهن، پر جنهن وقت هي معاملو ميڊيا جي ڌيان تان هٽيو ته ڪنهن کي ياد به هوندو ته ان ڪيس ۾ جيڪي گرفتار ٿيا هئا، انهن کي ڪهڙي سزا آئي؟

اصل مسئلو ڪنهن واقعي کانپوءِ ان جي اثرن کي ختم ڪرڻ جو نه پر ان جي سببن کي ختم ڪرڻ هوندو آهي، اسان وٽ رويو اهو آهي ته سببن کي ڪڏهن ايڊريس ئي ناهي ڪيو ويندو، ان ڪري وقتي طور تي معاملو دٻجي ته ويندو آهي پر ڪجهه وقت کانپوءِ وري ٻيهر ساڳيون سرگرميون شروع ٿي وينديون آهن. اسان وٽ ٺهندڙ قانونن ۾ ڪي جهول نٿا هجن پر انهن قانونن تي عمل ڪرائيندڙن ۾ جهول ئي جهول آهن. اهي ادارا جن جو ڪم سرحدن تي چوڪسي ڪرڻ آهي، غير قانوني نقل و حرڪت تي نظر رکڻ آهي، اهي ئي جيڪڏهن چند ٽڪن عيوض انهيءَ ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث هجن ته پوءِ اتي ڪنهن به تبديلي جي ڪهڙي خواهش رکي سگهجي ٿي. سڀاڻي هئو مئو ٽرندو ته وري ساڳيا ايجنٽ هوندا، سندن ساڳيا شڪار هوندا، اهو ئي بحيره روم هوندو، جيڪو غير قانوني مسافرن جو قبرستان بڻيل آهي ۽ پويان رهجي ويندو “زنده ڀاگ” جو اهو ڪلام ته “نئين ملدا پته يار دا”!

Leave A Comment