نئين ميئر اچڻ باوجود سکر شهر جي قسمت نه بدلي: روڊ رستا ۽ گهٽيون برساتي پاڻي ۾ ٻڏل: بيمارين ڦهلجڻ جو خدشو

آگسٽ 2, 2023

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ جي ٽئين وڏي شهر سکر جي قسمت نئين ميئر ۽ مڪاني نمائندن جي اچڻ سان به بدلجي نه سگهي، روڊ، رستا، گهٽيون ۽ محلا برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، گندگي ۽ بدبوءِ  سبب بيمارين ڦهلجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي

تفصيل موجب سکر شهر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ ڊرينيج جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آهي، چونڊيل نمائندن، ميونسپل ڪارپوريشن، پبلڪ ھيلٿ سميت لاڳاپيل علمدارن جي لاپرواھي، بي ڌياني ۽ عدم توجھه سبب ھن وقت به سکر جا مختلف علائقا قريشي روڊ جيڪي ڊبل روڊ ٺھيل آھي، بروھي محلا، مائڪرو ڪالوني، پراڻي سکر جي ميراڻي محلي سميت ٻين علائقن ۾ بدستور پاڻي بيٺل آھي

گھر، دڪان توڙي قبرستان پاڻي ھيٺ آھن، گندو پاڻي مسلسل بيھڻ سبب بدبوءَ توڙي وچڙندڙ بيماريون پيدا ٿيڻ جو خدشو آھي

 اِن ڏس ۾ مقامي ماڻھن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي ڊويزنل جنرل سيڪريٽري عيدن جاگيراڻي، فضل الرحمان ڀٽو، عمران کوسو، مفتي اعظم مھر ۽ ٻين چيو ته  پھرين ھڪ ڪلاڪ جي تيز برسات کان پوءِ ھن وقت تائين اسان جا علائقا ٻوڏ واري صورتحال جو ڏيک ڏئي رھيا آھن

سندن چوڻ هو ته ووٽ وٺڻ وقت چونڊيل نمائندا قافلن جي صورت ۾ پھچندا آھن پر جڏھن کان برسات ۽ ڊرينيج وارو گندو پاڻي گھرن، گھٽين، محلن، چوڪن، چوراھن تي بيھجي ويو آھي يوسي توڙي ٽائون ڪاميٽيءَ جو چيئرمين به اسان وٽ لڙي ناھي آيو

اڳواڻن چيو ته ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ توڙي ٻيا عملدار پنھنجي وڏين گاڏين تي چڙھي خالي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جي تسلي ڪرائڻ لاءِ به ناھن پھتا جڏهن ته  گندو پاڻي بيھجڻ سبب چمڙي سميت ڪيترين ئي موذي بيمارين ۾ علائقي واسي مبتلا ٿي ويا آھن،  نوٽيس ورتو وڃي

Leave A Comment