| نئين ميثاق جمهوريت لاءِ سمورين جمهوري قوتن کي دعوت: سياسي ڪيس ختم ۽ اتفاق راءِ سان اليڪشن ڪميشن جوڙيو وڃي: پي ٽي آءِ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) نئين ميثاقِ جمهوريت لاءِ جهموري قوتن کي دعوت ڏيندي، سمورن ڌرين جي اتفاق سان اليڪشن ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گورهر جي صدارت هيٺ تحريڪِ انصاف جي پارلياماني پارٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارٽي جي ايم اين ايز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته بي بنياد ۽ سياسي بنيادن تي قائم ڪيس فوري طور ختم ڪيا وڃن ۽ پي ٽي آءِ باني سان ملاقاتون بحال ڪيون وڃن. ٺهراءَ ۾ پنجاب حڪومت طرفان ڪارڪنن تي لٺبازي ۽ سنڌ حڪومت طرفان دوري دوران رنڊڪن کڙيون ڪرڻ جي مذمت پڻ ڪئي وئي. ٺهراءَ موجب ملڪ هن وقت انتهائي نازڪ ۽ پيچيده سياسي دور مان گذري رهيو آهي، جهموري قوتن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هڪ نئين ميثاقِ جمهوريت تي اتفاق ڪيو وڃي. ٺهراءَ ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان جي اهڙي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي جنهن تي سموريون ڌريون راضي هجن، ۽ شفاف، آزاد ۽ منصفاڻي اليڪشن يقيني بڻائي وڃي. ان کانسواءِ سياسي قيدين سان انصاف ۽ قانوني برابري کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو، ۽ پارلياماني پارٽي تحريڪِ تحفظِ آئين پاڪستان جي قيادت کي لاهور جي دوري تي ڀيٽا پيش ڪئي.. اجلاس بعد پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته سال نئون آهي پر پاڪستان جا مسئلا ساڳيا پراڻا آهن، سهيل آفريدي جو سنڌ جو دورو تمام سٺو هو، پر گذريل ڏينهن سنڌ حڪومت جو رويو جمهوري نه هو. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي ٽوپي ۽ اجرڪ جو خيال رکڻ گهرجي ها. بئريسٽر گوهر چيو ته حڪومت هاڻي سپر اسپيڊ مان نڪري آئي آهي ۽ هڪ ونڊر بواءِ جي ڳولا ۾ آهي، حڪومت کي جلد مخالف ڌر جي اڳواڻ کي اطلاع ڏيڻ گهرجي، ته جيئن اهو گهر ۾ اڪيلو شڪار نه ٿئي.