نئين ورلڊ آرڊر جي ابتدا … اعجاز منگي

                 چيني ٻوليءَ جو قديم قول آھي ته، ”دشمن سان سمجھوتو صرف ان صورت ۾ ڪريو، جڏھن اوھان سگھاري پوزيشن ۾ ھجو!“

                 ڪاش! آڪڙ جي مرض ۾ مبتلا آمريڪا جي مت مخالف صدر کي چين جي ياترا ڪرڻ کان اڳ آمريڪا جي ڪنھن عقل مند اداري اھا صلاح ڏني ھجي ھا. ممڪن آھي ته ھن کي پنھنجي ملڪ جي ٿنڪ ٽينڪ پاران اھو مشورو مليو به ھجي پر صدر ٽرمپ جو سمجھہ سان پراڻو وير آھي. جيڪڏھن ھن ۾ عقل جي رتي به ھجي ھا ته ھو ايران سان جنگ جي راھ اختيار ئي ڇو ڪري ھا!؟

                 ايران سان جنگ ۾ اخلاقي ۽ اسٽريٽيجڪ مات ملڻ کان پوءِ آمريڪا کي گھٽ ۾ گھٽ چين جي ياترا ته ھرگز نه ڪرڻ گھرجي ھا. پر صدر ٽرمپ پنھنجي ملڪ جو اعليٰ سطحي وفد وٺي چين پھتو. ھن جو خيال ھو ته ھو چين کي معاشي لاڳاپن جي لالچ ڏئي ايران خلاف ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو. ھونءَ به آمريڪا سميت پوري جڳ جھان کي معلوم آھي ته جنگ ۾ ايران جي ڀرپور ۽ ڪامياب مزاحمت جو ڪارڻ ھن جي بھادري سان گڏ چين جي چپ چاپ ۾ ڪيل امداد به آھي. چين جنگ ۾ ايران جي گھڻ پاسائين مدد ڪئي آھي ۽ اڃان ڪري رھيو آھي. صدر ٽرمپ سڌن يا اڻ سڌن لفظن ۾ چين کي اھو چوڻ ويو ھو ته ھن کي ايران جو ساٿ نه ڏيڻ گھرجي. صدر ٽرمپ اھڙي آڇ قبول ڪرڻ جي صورت ۾ چين سان واپار جا تاريخي معاھدا ڪرڻ جو واعدو به ڪيو. پر چين ھن کي ڪھڙو جواب ڏنو؟ چين جو جواب صدر ٽرمپ جي پريشان پيشانيءَ تي پوري دنيا پڙھي ورتو آھي.

چين تاريخي طور تي ھڪ تيز ڌار تلوار جھڙو ذھن رکندڙ ملڪ رھيو آھي. چين پنھنجي قومي ۽ رياستي انداز ۾ پھاڙ تان لھندڙ اھا ڇيڳري ندي ناھي، جيڪا ڇاڇر ھوندي به ڇوليون ھڻي شور مچائيندي آھي. چين ھڪ اونھين کوھ جھڙو خاموش ۽ گھرو ملڪ آھي. چين کي معلوم ھو ته صدر ٽرمپ ھن کي معاشي مفاد جي آڇ ڏئي کيس ان واٽ تان ھٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ آيو ھو، جيڪا واٽ چين ڪنھن ردعمل ۾ نه پر تمام گھڻي سوچ سمجھ کان پوءِ اختيار ڪئي آھي.

چين جي باري ۾ دنيا جا داناہ دماغ ڪافي وقت کان ان ڳالھ جو اظھار ڪري رھيا آھن ته معاشي طور تي طاقتور ٿيڻ کان پوءِ چين سياسي حوالي سان سگھارو ٿيڻ طرف وک وڌائيندو. چين پنھنجي سابق سرخ ساٿي سوويت يونين جھڙو ناھي، جو سياسي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجو گھر لٽائي. چين جو اقتصادي تاڃي پيٽو ھاڻي ايترو پختو ٿي چڪو آھي، جو ان کي آمريڪا نقصان رسائي نه ٿو سگھي. پر چين کي اھو به معلوم آھي ته صرف بين الاقوامي واپاري ٿيڻ سان ھو پنھنجا معاشي مفاد محفوظ رکي نه سگھندو. ھن کي ڪمايل دولت محفوظ رکڻ ۽ وڌائڻ لاءِ اھا سياسي ۽ عسڪري طاقت به کپي، جنھن جو مظاھرو ھن تازو ان پريڊ دوران ڪيو، جنھن جا منظر صدر ٽرمپ ٽي وي تي ڏٺا ھئا. ممڪن آھي ته صدر ٽرمپ جي نظر صرف جديد ھٿيارن جي ڊيگھ ۽ ويڪر تائين محدود رھي ھجي، ھن چين جي فوجي سپاھين جون اھي اکيون نه ڏٺيون ھجن، جن ۾ چين جي دشمنن لاءِ واضح پيغام ھو.

صدر ٽرمپ جو ذھن واپاري ۽ ھن جي زبان بازاري آھي. ھن کي تاريخ جي تسلسل ۽ قومن جي ارتقاءَ جو ان طرح سان احساس ناھي، جنھن طرح سان خود ھن جي ملڪ جا سياسي دانشور سوچيندا آھن. پر ڪتابن کان ٽاھ کائيندڙ ۽ خطابن سان چاھ رکندڙ آمريڪا جي رنگيلي صدر کي اھا سمجھ نه آئي ته ھو اھڙي ملڪ کي معاشي مدد جي آڇ ڏيڻ وارو ھو، جنھن ملڪ کي مٽيءَ مان سون ٺاھڻ جو ھنر ايندو آھي.

صدر ٽرمپ پنھنجي زبان درازيءَ جي حوالي سان جيڪا عالمي سطح تي سڃاڻ رکندو آھي، تنھن جي خوشامد وارو انداز صرف ھن جي لاءِ نه پر ھن جي ملڪ لاءِ خواريءَ جو باعث بڻيو. آمريڪي ميڊيا پنھنجي صدر جي اھڙي اسٽائل تي ڀرپور تنقيد به ڪئي آھي پر دنيا جي ملڪن کي ڌمڪين سان جھڪائڻ واري صدر جڏھن چين کي مڃائڻ لاءِ پاڻ کي جھڪائڻ ۾ ڪا جھجھڪ محسوس نه ڪئي، تڏھن چين سميت پوري دنيا جي سينئر سياسي مبصرن کي اھو دؤر به ياد آيو ھوندو، جڏھن آمريڪا چين مٿان تنقيدي تيرن جي برسات وسائيندي نه ٿڪبو ھو. چين کي انساني حقن جو قاتل قرار ڏيڻ کان وٺي ھن مٿان ٽيڪنالاجيءَ جو چور ھجڻ جي تھمت ھڻندڙ آمريڪا جو صدر جھڙي طرح چين جي تعريف ڪري رھيو ھو ۽ چين جي سرزمين تي بيٺي ھن جھڙي ريت چين سياسي ۽ رياستي سسٽم جي ساراھ ڪئي، ان کان وڌيڪ آمريڪا جي حصي ۾ ٻي ڪھڙي مات ايندي؟ پر چين ڪو اھڙو ملڪ ناھي جيڪو تنقيد کان گھٻرائجي وڃي ۽ تعريف جي تڙ ۾ ترڪي پوي. چين جو ھڪ ھڪ قدم سوچيل سمجھيل ۽ توريل تڪيل ھوندو آھي.

صدر ٽرمپ سطحي سوچ ۽ ھلڪي طبيعت ھجڻ سبب چين کي اڻ سڌن لفظن ۾ اھا آڇ ڪري رھيو ھو ته جيڪڏھن چين ۽ آمريڪا گڏجي پون ته پوري دنيا انھن جي پيرن ۾ اچي ويندي پر چين کي معلوم ھو ته جنھن صدر مني صديءَ کان وٺي ھر مشڪل ۾ ساٿ ڏيندڙ نيٽو جي توھين ڪري کيس پري ڌڪي ڇڏيو، ان صدر جي واعدي تي ھو اعتبار ڪيئن ٿي ڪري سگھيو! چين کي اھو به معلوم ھو ته آمريڪي صدر کي ھٿين خالي موٽائڻ جي صورت ۾ ھو صرف روس نه پر يورپ جي تمام گھڻن ملڪ جي دوستي حاصل ڪري سگھي ٿو. اھو يورپ جيڪو تحفظ جي سلسلي ۾ ڪالھ آمريڪي تي اعتبار ڪندو ھو، ھاڻي اھو چين جي ٽيڪنالاجيءَ تي ڀروسو ڪرڻ جي سلسلي ۾ سنجيدگيءَ سان سوچي رھيو آھي. چين کي اھو به معلوم آھي ته آمريڪا جي مسلسل غلطين ۽ عالمي سطح تي پيدا ٿي پيل صورتحال سبب گلوبل آرڊر تبديل ٿي رھيو آھي. دنيا ھڪ ڀيرو ٻيھر دوستيءَ جا نوان اتحاد ۽ دشمنيءَ جا نوان محاذ قائم ڪرڻ جي موڊ ۾ آھي.

آمريڪا جو صدر چين جي ياترا ڪرڻ لاءِ تمام غلط وقت جي چونڊ ڪئي. ھن چين جو دورو ان مھل ڪيو، جڏھن وينزويلا جو صدر نڪولس مادورو پنھنجي سرزمين تان اغوا ڪيو ويو آھي ۽ ھو ھن وقت به آمريڪا ۾ ھڪ مجرم جي حيثيت سان عدالت جي ڪٽھڙي ۾ بيھي ٿو. اھو وينزويلا جيڪو سالن جا سال چين کي تمام گھڻو تيل فراھم ڪندڙ ملڪ ھو. آمريڪا پاران وينزويلا مٿان قبضو چين جي مفادن مٿان حملو ھو. وينزويلا کان پوءِ جيڪو ملڪ چين جي اجگر جھڙي اقتصاديات کي ھلائڻ لاءِ تيل سپلاءِ ڪري رھيو ھو، ان ملڪ مٿان حملو ڪري آمريڪا چين کي چيڙائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي پر چين پوءِ به صبر جو مظاھرو ڪيو. وينزويلا ته ڏکڻ آمريڪا ۾ آھي پر ايران ته چين جي پاڙي ۾ آھي. چين اھو ڪيئن برداشت ڪندو ته آمريڪا ايران مٿان پنھنجي ڪٺ پتلي حڪومت قائم ڪري ايران جي تيل تي قابض ٿي ويھي رھي. وينزويلا ۽ ايران مٿان حملو چين جي معاشي مفادن مٿان حملو ھو. آمريڪا اھڙا حملا ڪرڻ کان پوءِ چين سان دوستيءَ جو ھٿ ملائڻ لاءِ ڇا سوچي آيو ھو؟

چين گھٽ چوڻ ۽ گھڻو ڪرڻ ۾ يقين رکڻ وارو ملڪ آھي. چين آمريڪا سان ڪنھن به قسم جو ڪو وڏو، بقول ٽرمپ ”تاريخي معاھدو“ ڪرڻ بدران سندس پيشڪش جي موٽ ۾ ”مھرباني“ چئي، پنھنجو ھٿ واپس ڇڪي ورتو. آمريڪا لاءِ چين جو اھو رويو تاريخي توھين ھو. پر چين آمريڪا جي اھا توھين ايتري ته تميز سان ڪئي جو آمريڪا کي شڪايت ڪرڻ جو ڪو بھانو به ميسر ٿي نه سگھيو.

آمريڪي صدر جي چين ياترا تي اسان جي ملڪ ۾ جيڪي تبصرا ٿي رھيا آھن، انھن ۾ احتياط جو پھلو ڪافي حد تائين موجود آھي پر جن ملڪن ۾ واقعي به جمھوريت آھي ۽ جن ملڪن جي ميڊيا مٿان چپ چورڻ کان اڳ اجازت وٺڻ جو شرط عائد ٿيل ناھي، انھن ملڪن ۾ صدر ٽرمپ جي ناڪام چيني دوري تي نه صرف تلخ تبصرا ٿي رھيا آھن پر ڪجھ سياسي ۽ عسڪري مبصر اھڙي آمريڪا جي چيني دوري کي آمريڪا جي سفارتي شڪست قرار ڏئي رھيا آھن. اھي چئي رھيا آھن ته ايران پاران لڳايل زخم مٿان چين پورو مزو وٺي جيڪا نمڪ پاشي ڪئي آھي، تنھن جي تڪليف جو ٽرمپ اظھار به نه ٿو ڪري سگھي. آمريڪا ايران مٿان جنگ مڙھي جيڪا غلطي ڪئي آھي، ان جو اظھار ته پوري دنيا ڪري رھي آھي، چين عالمي تاثر مٿان متفق ھجڻ جي جيڪا مھر ھنئي آھي، اھا عالمي تاريخ جي دستاويزن مان سدائين حوالي طور ڪتب آندي ويندي. چين ۽ آمريڪا جا تعلقات نوان ناھن پر تعاون جو اھو سلسلو اڳ ۾ ڪجھ ڇپيل انداز وارو ھو، آمريڪا ايران مٿان حملو ڪري چين کي ايران سان ايترو ويجھو ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ويجھڙائي جو جڳ جھان ته ڇا پر ڪڏھن ايران به نه سوچيو ھو. ايران چين جو بااعتماد ۽ عزت وارو اتحادي آھي. چين ايران جي رشتي کي آمريڪي آفر مٿان قربان ڪرڻ جو سوچي به نه ٿو سگھي. چين وٽان آمريڪا کي جيڪو پيغام مليو آھي، ان جا اثر پوري دنيا تي ڀلي نه پون پر گھٽ ۾ گھٽ وچ اوڀر جي انھن ملڪن تي ضرور پوندا، جيڪي آمريڪا جي عسڪري ۽ سفارتي ناڪاميءَ کان پوءِ پنھنجي وجودن جي واڳ ڦيرائڻ جي سلسلي ۾ سرگرم ٿي چڪا آھن. اھا سرگرمي وقت سان گڏ وڌندي. اھا سرگرمي اڳتي ھلي ڪھڙو ھنڌ ڪندي؟ ھن وقت ان سوال جو جواب ڏيڻ مشڪل آھي پر اھا سرگرمي آمريڪا جي مفاد ۾ ھرگز نه ھوندي.

ٽرمپ جي ناڪام چيني دوري کان پوءِ آمريڪا -ايران جنگ جي حوالي سان ھڪ وڏي چپ پيدا ٿي پئي آھي. ڇا اھا خاموشي طوفان کان اڳ واري ماٺ آھي؟ جيڪڏھن آمريڪا ان قسم جو بيان جاري ڪري ھا ته ان سلسلي ۾ سنجيدگيءَ سان سوچيو به وڃي ھا پر اھڙو بيان آمريڪا نه پر ان ايران طرفان آيو آھي، جنھن جي اعتماد ۾ ھن مھل اھڙي مھڪ آھي، جھڙي مھڪ فتح ۾ ھوندي آھي.