| نئين وينزويلا صدر آمريڪي مفاد پورا ڪندي: صدر ٽرمپ جي دعويٰ |
واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته وينزويلا جي نئين صدر ڊيلسي آمريڪا جا سمورا شرط مڃڻ تي راضي ٿي وئي آهي وينزويلا کي هلائڻ جو عمل هڪ اجتماعي ڪوشش هوندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وينزويلا جي نائب صدر ڊيلسي روڊريگيز سان ڳالهايو آهي، روڊريگيز خاطري ڪرائي آهي ته جيڪو آمريڪا چوي ٿو اهو ڪيو ويندو.