ٽيڪنالاجي رڳو هڪ سائنسي ڪاميابي ناهي، پر اها انساني دماغ کي سمجهڻ جي سفر ۾ هڪ نئين دور شروعات آهي. جيڪڏهن هي تحقيق اهڙي ئي رفتار سان اڳتي وڌندي رهي، ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن دماغ جي هر پيچيدگي کي پڙهي سگهجي ۽ الزائمر جهڙيون بيماريون پنهنجي شروعات کان اڳ ئي قابو ۾ آڻي سگهجن. سائنس هاڻي صرف بيمارين جو علاج نه، پر انهن کي پيدا ٿيڻ کان اڳ روڪڻ جي منزل ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ اها انسانيت لاءِ هڪ وڏي اميد آهي.
انساني دماغ کي هميشه هڪ اهڙي پيچيده ڪائنات سمجهيو ويو آهي، جنهن جي باري ۾ سائنسدانن وٽ سوال وڌيڪ ۽ جواب گهٽ رهيا آهن. اربين نيورانن تي مشتمل هي حياتياتي نظام، جنهن ۾ هر سيڪنڊ لکين سگنلز سفر ڪن ٿا، اڃا تائين مڪمل طور سمجهيو نه ويو آهي. پر هاڻي، جديد سائنسي ترقيءَ هڪ اهڙو موڙ اختيار ڪيو آهي، جتي دماغ کي صرف مشاهدي سان نه، پر “پڙهڻ” جي سطح تي سمجهڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. Connectome-seq نالي نئين ٽيڪنالاجي ان تبديلي جو مرڪز بڻجي چڪي آهي، جيڪا نه رڳو اعصابي ڳنڍڻين کي ڪاميابي سان ظاهر ڪري ٿي، پر دماغي سائنس، دوائن، ۽ عالمي طاقت جي سياست تائين پنهنجا اثر ڇڏي رهي آهي.
تازي تحقيق ۾، سائنسدانن هن ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي ڪوئي جي دماغ جي هڪ اهم سرڪٽ ــ pontocerebellar circuit ــ جو تفصيلي جائزو ورتو. هي سرڪٽ دماغ جي مختلف حصن جي وچ ۾ سگنلن جي منتقلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. تحقيق دوران هڪ هزار کان وڌيڪ نيورانن کي چيڪ ڪيو ويو، ۽ انهن جي وچ ۾ هزارين سنئپس سطح تي لاڳاپا سڃاتا ويا. سڀ کان اهم ڳالهه اها هئي ته اهڙا سڌا رابطا ظاهر ٿيا جيڪي اڳ بالغ دماغ ۾ موجود ئي نه سمجهيا ويندا هئا. هن دريافت سائنس جي موجوده فهم کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو ظاهر ڪيو آهي ته دماغ جي تنظيم اڳ سوچيل کان گهڻي وڌيڪ متحرڪ، لچڪدار ۽ پيچيده آهي. هي ٽيڪنالاجي بنيادي طور تي RNA بارڪوڊز تي ٻڌل آهي، جتي هر نيوران کي هڪ منفرد سڃاڻپ ڏني وڃي ٿي. پوءِ خاص پروٽين انهن بارڪوڊز کي سنئپس تائين منتقل ڪن ٿا، جتي ٻه نيوران پاڻ ۾ ملن ٿا. جڏهن سائنسدان انهن سنئپس کي الڳ ڪري سيڪوئنسنگ ڪن ٿا، ته کين معلوم ٿي وڃي ٿو ته ڪهڙا نيوران پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. هن طريقي سان دماغ جي نقشي کي هڪ حياتياتي عمل مان ڪڍي هڪ “ڊيٽا سائنس” جي مسئلي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، جتي جينيٽڪس، ڪمپيوٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت گڏجي ڪم ڪن ٿا.
روايتي طور تي دماغ جي نقشه سازي هڪ انتهائي سست ۽ مهانگو عمل رهيو آهي. سائنسدانن کي دماغي ٽشو کي انتهائي سنھن پرتَن ۾ ڪٽڻو پوندو هو، پوءِ انهن کي مائڪروسڪوپ سان ڏسي، ۽ هٿ سان انهن جا لاڳاپا گڏ ڪرڻا پوندا هئا. اهو عمل نه صرف وقت وٺندڙ هو، پر انساني غلطيءَ جو به وڏو امڪان هوندو هو. Connectome-seq هن سموري عمل کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان هزارين نيورانن جي ڳنڍڻين کي هڪ ئي وقت ۾، گهٽ وقت ۽ گهٽ خرچ سان سمجهڻ ممڪن ٿي ويو آهي.
هن تحقيق جو سڀ کان اهم اثر نيوروديجنريٽو بيمارين، خاص طور تي الزائمر، تي پئجي سگهي ٿو. الزائمر هڪ اهڙي بيماري آهي، جيڪا آهستي آهستي دماغ جي اعصابي ڳنڍڻين کي ڪمزور ڪري ٿي، ۽ آخرڪار ياداشت، سوچ ۽ سڃاڻپ کي متاثر ڪري ٿي. موجوده دور ۾، الزائمر جي سڃاڻپ اڪثر تڏهن ٿيندي آهي جڏهن بيماري ڪافي اڳتي وڌي چڪي هوندي آهي. پر جيڪڏهن Connectome-seq جهڙيون ٽيڪنالاجيون استعمال ڪيون وڃن، ته شايد بيماري جي شروعاتي مرحلي ۾ ئي انهن “ڪمزور ڪڙين” کي سڃاڻي سگهجي، جتان بيماري شروع ٿئي ٿي. اهو نه صرف علاج کي آسان بڻائيندو، پر شايد بيماري کي مڪمل طور روڪڻ جو به موقعو فراهم ڪري.
انهيء سان گڏ، هن ٽيڪنالاجي جو اثر نفسياتي بيمارين تي به ٿي سگهي ٿو، جهڙوڪ ڊپريشن، اسڪيزوفرينيا، ۽ اينزائٽي ڊس آرڊرز. اهي بيماريون اڪثر دماغي سرڪٽس جي بي ترتيبي سان لاڳاپيل هونديون آهن. جيڪڏهن سائنسدان انهن سرڪٽس کي صحيح نموني سمجهي وٺن، ته وڌيڪ موثر ۽ ذاتي نوعيت جا علاج تيار ڪري سگهجن ٿا.
هن سائنسي ترقي جا اثر صرف صحت تائين محدود ناهن. دنيا ۾ هاڻي “Brain Science Race” شروع ٿي چڪي آهي، جتي وڏا ملڪ ۽ ادارا دماغي تحقيق ۾ اڳڀرا ٿيڻ لاءِ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن. آمريڪا، چين ۽ يورپ اڳ ئي اربين ڊالر هن شعبي ۾ لڳائي چڪا آهن. Stanford جهڙا ادارا ۽ عالمي فنڊنگ ايجنسيون هن تحقيق جي پٺڀرائي ڪري رهيون آهن، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته مستقبل ۾ دماغي سائنس به جيوپوليٽيڪل طاقت جو هڪ اهم اوزار بڻجي سگهي ٿي. جنهن ملڪ وٽ دماغ کي سمجهڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت هوندي، اهو شايد ٽيڪنالاجي، دفاع ۽ صحت جي شعبن ۾ ٻين کان اڳتي هوندو. ان سان گڏ، مصنوعي ذهانت (AI) جي شعبي ۾ به هن ٽيڪنالاجي جا وڏا اثر ٿي سگهن ٿا. دماغي نيٽ ورڪن جي بهتر سمجهه سان، سائنسدان وڌيڪ ترقي يافته AI سسٽمز ٺاهي سگهن ٿا، جيڪي انساني دماغ جيان ڪم ڪن. اهو “Brain-inspired computing” جي نئين دور کي جنم ڏئي سگهي ٿو، جتي مشينون نه صرف ڊيٽا پروسيس ڪن، پر سکڻ، سوچڻ ۽ فيصلا ڪرڻ ۾ به انسانن جهڙيون صلاحيتون حاصل ڪن.
تنهن هوندي به، هن ترقي سان گڏ ڪيترائي اخلاقي سوال به اڀري رهيا آهن. جيڪڏهن سائنسدان دماغ جي مڪمل نقشه سازي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا، ته پوءِ “ذهني پرائيويسي” جو ڇا ٿيندو؟ ڇا انسان جا خيال، يادداشتون ۽ جذبات به ڊيٽا جي صورت ۾ پڙهي سگهبا؟ جيڪڏهن ائين ٿيو، ته ان جو غلط استعمال به ممڪن آهي، خاص طور تي حڪومتن يا ڪارپوريٽ ادارن طرفان. ان ڪري ماهرن زور ڏنو آهي ته هن شعبي ۾ “Neuro-ethics” کي وڏي اهميت ڏني وڃي، ۽ عالمي سطح تي اهڙا قانون ٺاهيا وڃن جيڪي انسان جي ذهني آزادي ۽ رازداري کي تحفظ ڏين.
اسلامي ۽ اخلاقي نقطه نظر کان به هي موضوع اهم آهي. انسان جي دماغ کي الله تعاليٰ جي هڪ وڏي نعمت ۽ راز طور ڏٺو وڃي ٿو. جيڪڏهن سائنس ان راز کي کولڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ته ان سان گڏ ذميواري به وڌي وڃي ٿي ته ان علم کي انسانيت جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيو وڃي، نه ته نقصان لاءِ. ان ڪري ضروري آهي ته سائنسي ترقي ۽ اخلاقي اصول گڏجي هلن.
مستقبل جي حوالي سان، ماهرن جو خيال آهي ته Connectome-seq صرف شروعات آهي. ايندڙ ڏهاڪن ۾، شايد مڪمل انساني دماغ جو نقشو ٺاهڻ ممڪن ٿي وڃي، جنهن سان طب، نفسيات، ۽ ٽيڪنالاجي ۾ بنيادي تبديليون اچي سگهن ٿيون. شايد هڪ ڏينهن اهڙو به اچي، جڏهن ڊاڪٽر دماغ جي ڪنهن به مسئلي کي سڌو سنئون “سرڪٽ ليول” تي درست ڪري سگهن، بلڪل ائين جيئن انجنيئر ڪنهن مشين کي ٺيڪ ڪن ٿا.
Connectome-seq هڪ اهڙو سنگ ميل آهي، جيڪو سائنس کي نئين دور ۾ داخل ڪري رهيو آهي. اهو نه صرف دماغ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي، پر انسان جي مستقبل کي به نئين شڪل ڏئي رهيو آهي. سوال هاڻي اهو ناهي ته دماغ هڪ راز آهي يا نه پر سوال اهو آهي ته اسان ان راز کي ڪيئن، ڪيتري ذميواري سان، ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ استعمال ڪريون ٿا. جيڪڏهن هن علم کي صحيح نموني استعمال ڪيو ويو، ته اهو انسانيت لاءِ هڪ نئين اميد بڻجي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ان جو غلط استعمال ٿيو، ته اهو نوان خطرا به پيدا ڪري سگهي ٿو. تنهن ڪري، هي صرف سائنس جي ڪاميابي ناهي، هي انسانيت لاءِ هڪ امتحان به آهي
هي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته اهڙيون ٽيڪنالاجيون عالمي سطح تي “سائنسي طاقت” جو حصو بڻجي رهيون آهن.اهڙن ادارن ۽ عالمي فنڊنگ ايجنسين جي سهڪار سان هلندڙ هي تحقيق اهو ڏيکاري ٿي ته مستقبل ۾ دماغي سائنس به جيوپوليٽيڪل مقابلي جو ميدان بڻجي سگهي ٿي. Connectome-seq صرف هڪ ٽيڪنالاجي نه، پر هڪ نئين سوچ آهي، هڪ اهڙو طريقو جنهن سان انسان پهريون ڀيرو پنهنجي دماغ کي “پڙهڻ” جي حد تائين ويجهو پهچي رهيو آهي.جيڪڏهن هي رفتار برقرار رهي، ته اهو وقت پري ناهي جڏهن سائنس نه صرف دماغ جي بيمارين کي سمجهي سگهندي، پر انهن کي جنم وٺڻ کان اڳ ئي روڪي به سگهندي.سوال هاڻي اهو ناهي ته دماغ هڪ راز آهي سوال اهو آهي ته اسان ان راز کي ڪيتري جلدي مڪمل طور کوليون ٿا.