ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ڇڏيندڙ 100 کان وڌيڪ اڳواڻن جا جهانگير ترين سان رابطا ڪيا ويا آهن ملاقاتن جو به سلسلو شروع ٿي ويو آهي
تحريڪ انصاف ڇڏيندڙ پاڪ پتن جي اڳوڻي ايم اين اي احمد شاهه ۽ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ايم پي اي سيد اڪبر نواني جهانگير ترين سان ملاقاتون ڪيون
ذريعن موجب اڳواڻن جهانگير ترين سان سندس نئين پارٽي ۾ شموليت بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي مستقل جي سياسي حڪمت عملي ۽ پارٽي جي نالي تي به ڳالهيون ڪيون ويون
ملاقات ۾ وزيراعظم جو خصوصي معاون عون چوڌري به موجود هو
ان کان اڳ ڊاڪٽر امجد به جهانگير ترين سان ملاقات ڪري چڪو آهي
ذريعن موجب فردوس عاشق اعواڻ ۽ فواد چوڌري سوڌو 100 کان وڌيڪ اڳواڻن جا جهانگير ترين سان رابطا جاري آهن ۽ ملاقاتن جو سلسلو به هلي رهيو آهي
فواد چوڌري چيو آهي ته في الحال سياست ڪرڻ جو ارادو ناهي پهريان ئي سياست کان وقفو وٺي چڪو آهيان