نئين گاج جي وهڪري سبب ڇني- جوهي روڊ پل جو پاسو لڙهي ويو

جُولاءِ 30, 2023

ٽنڊو رحيم خان(رپورٽر) نئين گاج جي وهڪري سبب ڇِني جوهي روڊ تي ڏنل پل جو هڪ پاسو لڙهي ويو، شهر سان ڪيٽرين ئي يوسيز جو رابطو ڪٽجي ويو آهي

نئين گاج جو وڏو وهڪرو ڇني جوهي روڊ سان ٽڪرائجي ويو آهي، پاڻي جي وڏي وهڪري جي پهچڻ سبب پل جو هڪ پاسو لڙهي ويو جنهن سان  جوهي سان يوسي ڇني ۽ يوسي ٽنڊو رحيم خان ، شاھ حسن جو زميني رابطو مڪمل طور ڪٽجي ويو

علائقي واسين دانهيندي ٻڌايو ته گذريل سال ٻوڏ بعد پل جو مرمتي ڪم ڪرايو ويو پر من پسند ٺيڪيدار پاران ڪم صحيح  نه ڪرائڻ سبب پل 6 مهينا به نه هلي سگهي

علائقي واسين چيو ته گذريل ڏھه ڏينهن کان چار يونين ڪائونسل روڊ ڇني کان جوهي ويندڙ مک رستا ڪاٽا ٿيل آھي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن نڌڻڪو ڇڏي ڏنو

هنن وس وارن کان گُھر ڪندي چيو ته جلد کان جلد رستا بحال ڪرائي تڪليف کان بچايو وڃي

Leave A Comment