نئين گاج ڊيم بابت ڪيس ٻڌندڙ آئيني عدالت جي بينچ تي اعتراض: ٻڌڻي سومر تائين ملتوي

نئين گاج ڊيم بابت ڪيس ٻڌندڙ آئيني عدالت جي بينچ تي اعتراض: ٻڌڻي سومر تائين ملتوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ۾ نئي گاج ڊيم ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، نجي ڪمپني جي وڪيل محمد مسعود طرفان آئيني عدالت جي ٻه رڪني بينچ تي اعتراض اٿاري ڇڏيو. چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت ريمارڪس ڏنا ته ٻن ميمبرن واري بينچ جو فيصلو ڪا ٻه رڪني بينچ نٿو ٻڌي سگهي، اهو رولز رڳو سپريم ڪورٽ رولز جو حصو آهي. وفاقي آئيني عدالت ۾ نئين گاج ڊيم ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران نجي ڪمپني جي وڪيل مسعود خان لکت ۾ 3 جواب عدالت ۾ جمع ڪرايا. وڪيل مسعود خان موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن حڪم جاري ڪيو هو، پر اڃا تائين ڪيس کي ٻڌڻي جوڳو قرار نه ڏنو ويو آهي، هن چيو ته 27هين آئيني ترميم تحت سڀ لاڳاپيل درخواستون وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل ٿيڻ ضروري آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايف ون سي موجب به ڪيس جي ميرٽ تي وڃڻ کان اڳ ان جي ٻڌڻي جوڳي هجڻ متعلق فيصلو ضروري آهي. هن چيو ته هن جي نظر ۾ سپريم ڪورٽ جا قاعدا اڃا به قابل عمل آهن. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت وضاحت ڪئي ته آئين ۾ اهڙي ڪا پابندي موجود نه آهي، جڏهن ته چيف جسٽس امين الدين وضاحت ڪئي ته ٻه ميمبر ينچ جو فيصلو ٻه رڪني بينچ جو فيصلو ٻه رڪني بينچ نٿو ٻڌي سگهي، هي اصول صرف سپريم ڪورٽ جي رولز جو حصو هو. ابتدائي اعتراضن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.