نئين گاج ڊيم جي تعمير بابت ڪيس: گڏجي حل ڪڍڻ جي هدايت

نئين گاج ڊيم جي تعمير بابت ڪيس: گڏجي حل ڪڍڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت نئين گاج ڊيم جي تعمير متعلق ڪيس ۾ عدالت واپڊا ۽ ڪنٽريڪٽر گڏ ويهي مسئلي جو حل ڪڍڻ جي هدايت ڪئي آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني تي آئيني عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن  دوران واپڊا طرفان سلمان منصور عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته ڪانٽريڪٽر معاهدي تي عمل نه ڪري رهيو آهي، ۽ دير سبب منصوبي جي خرچ ۾ به واڌ ٿي رهي آهي. جسٽس ارشد حسين چيو ته ٻئي ڌريون گڏ ويهي حل ڪڍڻ. جسٽس امين الدين خان چيو ته اسان ٻڌڻي ٽي هفتن لاءِ ملتوي ڪري رهيا آهيون، ۽ جيڪڏهن ڳالهين ذريعي مسئلو حل نه ٿيو ته پوءِ عدالت فيصلو ڪندي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڪري ڇڏي.