نائب وزيراعظم پاران يورپي يونين کي وچ اوڀر امن ڪوششن بابت آگاهي

نائب وزيراعظم پاران يورپي يونين کي وچ اوڀر امن ڪوششن بابت آگاهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي ڪايا ڪالاس سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ تيزي سان بدلجندڙ صورتحال جو جائزو ورتو. ڪايا ڪالاس اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحن تائين پهچڻ لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻين سفارتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ تازين جنگبندي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. اسحاق ڊار ڪايا ڪالاس کي وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ جامع فريم ورڪ قائم ڪرڻ بابت پاڪستان جي جاري سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ سڀني ڌرين تي زور ڏنو ته جنگبندي معاهدي تي مڪمل عمل ڪن. ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ به ويجهي رابطي ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.