نائب ڪپتان شڀمن گل ڀارت جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان خارج

نائب ڪپتان شڀمن گل ڀارت جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان خارج

ممبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ دفاعي چيمپيئن ڀارت جي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اسڪواڊ جي قيادت سوريا ڪمار يادَو ڪندو، ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو نائب ڪپتان شُڀمَن گِل جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو، سندس جاءِ تي اڪشر پٽيل کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. سيد مشتاق علي ٽرافي ۾ رنسن جا انبار لڳائيندڙ ۽ پنهنجي ڪپتاني هيٺ جهارکنڊ کي چيمپيئن بڻائيندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽر ايشان ڪشن جي ڊگهي عرصي کانپوءِ ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي. جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر جيتن شرما جي جاءِ تي رنڪو سنگهه کي شامل ڪيو ويو آهي. آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ سوريا ڪمار يادَو (ڪپتان)، اڪشر پٽيل (نائب ڪپتان)، سنجو سيمسن (وڪيٽ ڪيپر)، اڀيشيڪ شرما، تلوڪ ورما، هاردِڪ پانڊيا، شيوم دوبي، رنڪو سنگهه، جسپريت بُمرا، هرشت راڻا، ارشديپ سنگهه، ڪلديپ يادَو، ورن چڪرورتي، واشنگٽن سُندر ۽ ايشان ڪشن (وڪيٽ ڪيپر) ٽيم ۾ شامل آهن.