نائين محرم: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ موبائل فون سروس بند

جُولاءِ 28, 2023

ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) وفاقي حڪومت جي فيصلي تحت اڄ نائين محرم تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾  موبائل فون سروس بند آهي

وفاقي گهرو وزرات پاران نائين ۽ ڏهين محرم تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ماتمي جلوسن جي برآمد ٿيڻ سبب موبائل فون سروس بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن بعد پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن پوري ملڪ ۾ موبائل فون جي سروس بند ڪري ڇڏي آهي

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، خيرپور، ڪنڌڪوٽ، دادو ۽ نوشهروفيروز ضلعن ۾  موبائل فون سروس معطل ٿي وئي آهي جنهنڪري عوام کي هڪ ٻئي سان رابطي ڪرڻ ۾ سخت ڏکيائن کي منهن ڏيئڻو پئجي رهيو آهي

وفاقي گهرو وزارت جي ذريعن موجب موبائل فون سروس رات 9 بجي تائين بند رهندي  جڏهن ته انٽرنيٽ سروس صرف وائي فاءِ ذريعي بحال رهندي

Leave A Comment