نائين ۽ يارهين ڪلاس جا نتيجا رد:نوابشاهه، سانگهڙ ۽ نوشهروفيروز ضلعن ۾شاگرد سراپا احتجاج : بائڪاٽ: ڌرڻا  

نائين ۽ يارهين ڪلاس جا نتيجا رد:نوابشاهه، سانگهڙ ۽ نوشهروفيروز ضلعن ۾شاگرد سراپا احتجاج : بائڪاٽ: ڌرڻا  

ڪراچي (نمائندن وٽان) شھيدبينظيرآباد بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن جي نائين ۽ يارھين ڪلاس جي اي مارڪنگ سسٽم تحت جاري ڪيل نتيجن خلاف  سانگهڙ، نوشهروفيروز۽ نوابشاهه ضلعن جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگرديا ڻين ڪلاسن جو بائڪاٽ ڪري جلوس ۽ ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا، ان ڏس ۾ سانگهڙ جي  پير سيد صبغت الله شاهه شهيد گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي شاگردن ڪلاسن جو بائڪاٽ مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي شاگردن عبدالجبار مري، عبدالرحمان لغاري، سراج وساڻ، فرحان لغاري، سرفراز بگٽي ،لطيف بگٽي، ارسلان جٽ، عمار لانڊر، عبدلاحميد بگٽي ،ايان علي جٽ چوڻ هو ته اسان ريگيولر شاگرد آھيون ، ڪاليج ۾ بھترين پرفارمنس ڏني ھئي، اسان بورڊ انتظاميا جي اي مارڪنگ وارن تجربن جو شڪار ٿيا آھيون، اڌ کان وڌيڪ شاگرن کي فيل ڪيو ويو آهي، بورڊ انتظاميا جي نااهلي ڪري اسان جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي ، اسان کي جيڪي مارڪون مليون آھن، انھن مارڪن تي اسان کي ڪنھن يونيورسٽي ۾داخلا نه ملندي، هنن چيو ته بورڊ جي چيئرمين ۽ ڪنٽرولر کي هٽائي امتحاني  ڪاپين جي ٻيهر چڪاس ڪرائي وڃي شهدادپور جي گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي شاگردن پريم ڪمار، يونس سنجراڻي، نثار کوسو، سلمان لغاري ۽ نصير کوسو جي اڳواڻي ۾ ڪلاسن جو بائڪاٽ ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو  مظاهرو ڪيو، ٽنڊي آدم جي گورنمينٽ نيو علي ڳڙھ بوائز ڪاليج جي شاگردن حماد جوڻيجو، فرھاد جدگال، علي جان ڇٽو، ھارون آرائين جي اڳواڻي ۾ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايم اي جناح روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٽريفڪ جي رواني معطل ٿي وئي.کپري ۾ نائين ۽ يارهين ڪلاسن جي شاگردن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شهيد چوڪ تي احتجاج ڪيو، هوڏانهن  نوشھرو فيروز ۾ ڊگري ڪاليج سميت مختلف نجي اسڪولن جي نائين ۽ يارنهن ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي  ثناء الله جھنڊير, فقير محمد ميمڻ, بابر سومرو, ثمرا وسطڙو, شھر بانو ۽ ٻين چيو ته نائين ۽ يارنهن ڪلاس ۾ اي مارڪنگ سسٽم جو جواز ڄاڻائي اسان جو حق ماري اسان جي محنت جو ڦل رشوت عيوض ٻين شاگردن کي ڏنو ويو آهي، موري  ۾ مھراڻ ڊگري ڪاليج (بوائز)  جي شاگردن عمران نول، سيد عامر شاھ، عدنان ڪلھوڙو، خالد عالماڻي، شاھزيب ميمڻ، عبدالڪريم شاھ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي، قاضي احمد ۾ شاگردن عبدالسلام گبول جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي دوڙ ۾  ڊگري ڪاليج ۽ هائر سيڪنڊري اسڪول جي شاگردن ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، سڪرنڊ ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي سوين شاگرد امجد، علي حسن ، نريش، محراب ، راڪيش ، سعيد انڙ ، علي حسن ڪيريو  جي اڳواڻي ۾ ميڊيا سينٽر چوڪ آڏو ڌرڻو ھنيو ٻئي طرف گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول پنهل خان چانڊيو جي شاگردن ۽ شاگردياڻين امجد چانڊيو ، مرڪ چانڊيو ، شازيه مڱڻهار ۽ ٻين مظاهرو ڪيو.