نااهلي تاحيات يا 5 سال؟ سپريم ڪورٽ ۾ اڄ اهم ٻڌڻي: 7 رڪني لارجر بينچ قائم

جنوري 2, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تاحيات نا اهل شخص 5سال نا اهلي بعد اهل ٿيندو يا نه؟ سپريم ڪورٽ پاران ٻڌڻي لاءِ 7رڪني لارجر بينچ قائم، 62ون ايف ۾ تاحيات نا اهلي تي عدالتي فيصلو يا اليڪشن ايڪٽ لاڳو ٿيندو؟ سپريم ڪورٽ ۾ اڄ اهم ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي، تاحيات نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ قائم ڪئي وئي آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جڙيل لارجر بينچ اڄ ٻڌڻي هلائيندي، لارجر بينچ ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس امين الدين خان شامل آهن، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي به بينچ ۾ شامل آهي، پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ڪندي نااهلي جو مدو 5 سال ڪري ڇڏيو هو، ماضي ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ جهانگير ترين کي تاحيات نااهل قرار ڏنو ويو هو، سپريم ڪورٽ گذريل مهيني بادشاهه قيصراڻي جي تاحيات نااهلي ڪيس ۾ عدالتي فيصلي ۽ اليڪشن ايڪٽ جي ترميم ۾ تضاد تي اٽارني جنرل ۽ سمورن صوبائي ايڊوڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪيا هئا، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو هو ته هاڻوڪي ڪيس کي چونڊن ۾ دير جي سبب طور استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيب ڪيسن ۾ سزا يافته جي اليڪشن وڙهڻ خلاف نيب به ميدان ۾ اچي وئي. نيب سزا يافته جوابدارن جي ڏهن سالن جي نااهلي واري مدت بحال ڪرائڻ لاءِ نيب چيئرمين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. جوابدار فائق علي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي. نيب مطابق نيب سزا يافته اليڪشن وڙهندڙ لاءِ ھاءِ ڪورٽ اسلام آباد جي سنگل بينچ جو حوالو ڏئي رهيا آهن. جُون ۾ سنگل بينچ نيب جي نااهلي جو مدو 10 بدران 5 سال ڪري ڇڏيو هو، سنگل بينچ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي، اليڪشن وڙهڻ بابت سنگل بينچ جي فيصلي تي ريفرنس ڏنو پيو وڃي. نيب استدعا ڪئي آهي ته عدالت انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ سنگل بينچ جو فيصلو فوري طور تي معطل ڪري.

Leave A Comment