حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ نوجوان جي قتل ڪيس ۾ نور کان محروم ڦاهي جي سزا ٻڌايل جوابدار جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي کيس بري ڪري ڇڏيو.
جوابدار راز محمد عرف راضي ڀٽي کي 2019ع دوران سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج بدين ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي.
سزا خلاف جوابدار وڪيل عبدالحميد باجوه معرفت اپيل داخل ڪرائي.