نادرا کي شڪي ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو اختيار

نادرا کي شڪي ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو اختيار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نادرا ڪو به شناختي ڪارڊ 60 ڏينهن لاءِ بلاڪ ڪري سگهندي. سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي حڪومتي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪاميٽي مان منظوري بعد بل کي هاڻي سينيٽ جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو، بل تحت نادرا کي ڪنهن به شناختي ڪارڊ کي 60 ڏينهن لاءِ بلاڪ ڪرڻ جو اختيار حاصل ٿي ويندو. بل قانون واري  اعظم نذير تارڙ گهرو وزير جي هدايت تي سينيٽ ۾ پيش ڪيو، گهرو وزارت موجب شناختي ڪارڊ هڪ حساس ۽ قومي سلامتي جي دستاويز آهي، ۽ ان جي غلط استعمال سان سيڪيورٽي ۽ معيشت ٻنهي کي خطرو ٿي سگهي ٿو. قانون نه هجڻ سبب نادرا کي عملي سطح تي سنگين رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو، ڏوهاري عنصر قانوني ڪارروائي کان بچڻ لاءِ رڪاوٽون بهانا ڪندا آهن.هن ترميم ذريعي نادرا کي اهو اختيار پڻ ملندو ته هو ضرورت پوڻ تي ڪنهن به فرد جو شناختي ڪارڊ عارضي طور بلاڪ ڪري سگهي ٿي.