نادرا ۽ يوسي پاران فوت ڄاڻايل عورت عدالت پهچي وئي

  ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نادرا ۽ يونين ڪائونسل رڪارڊ ۾ فوتي  ڄاڻايل عورت سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي وئي, درخواستگذار صفيه چيو ته کيس مئل قرار ڏئي مڙس جي پينشن وصول ڪئي پئي وڃي، اهڙي  درخواست تي عدالت يو سي چيئرمين صالح محمد جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته صفيه جي مڙس جون 3 شاديون ٿيل هيون، نادرا ۽ يو سي جي رڪارڊ مطابق صفيه پڻ فوت چڪي آهي، نادرا ۽ يو سي پاران صفيه جي فوتگي جي تصديق بعد پينشن پهرين زال کي ملي رهي آهي، نادرا جي وڪيل چيو ته نادرا وارا رڪارڊ جي آن لائين تصديق ڪندا آهن, يو سي رڪارڊ مطابق عورت فوت ٿي چڪي آهي, جنهن بعد عدالت يو سي چيئرمين 9 سيپٽمبر تي طلبي ورتو