نادر جمالي جي قتل خلاف آچر تي ڌرڻو، شهر ۾ بينر لڳي ويا

نادر جمالي جي قتل خلاف آچر تي ڌرڻو، شهر ۾ بينر لڳي ويا

دادو (رپورٽر) دادو ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نادر جمالي واري معاملي تي آچر  18 جنوري تي دادو ۾ وڏي احتجاجي ڌرڻي لاءِ تياريون مڪمل  ڪيون ويون آهن، شهر ۾ نادر جمالي جا بينر لڳايا ويا، احتجاج ۾ سول سوسائٽي، سياسي ڌرين، شاگردن ۽ شهرين جو وڏو انگ شرڪت ڪندو. وارثن جو چوڻ آهي ته جيستائين نادر جمالي کي انصاف نه ملندو، تيستائين سندن پرامن جدوجهد جاري رهندي، وارثن جوڊيشل انڪوائري سان گڏ ايس ايس پي دادو سميت مقابلو ڄاڻائنيدڙ پوليس ايس ايڇ اوز کي هٽائي ايف آء آر ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي