| نادر جمالي جي قتل خلاف احتجاج بعد عدالتي جاچ جو فيصلو، گھرو کاتي کي خط |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نادر جمالي جي مبينه مقابلي ۾ مارجڻ خلاف احتجاج رنگ لاتو، آئي جي سنڌ گهرو کاتي کي خط لکي جوڊيشنل انڪوائري ڪرائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. آئي جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي هدايتن تي اي آئي جي آپريشنز گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي خط لکيو، خط ۾ سفارش ڪئي وئي ته سنڌ هائي ڪورٽ سان رابطو ڪيو وڃي ۽ نادر جمالي ڪيس جي جاچ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج کان ڪرائي وڃي. خط ۾6 ۽ 7 جنوري تي اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جي حدن ٿيندڙ واقعن جي جاچ لاءِ مقرر ڪيل انڪوائري آفيسر ايس ايس پي حيدرآباد جي سفارشن کي به شامل ڪيو ويو آهي.