| نادر جمالي جي وارثن آءِ جي جي سفارش رد ڪري ڇڏي، سخت اعتراض |
دادو (رپورٽر) آءِ جي سنڌ پاران جوڊيشل انڪوائري ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ذريعي ڪرائڻ واري سفارش تي مقتول نادر جمالي جي وارثن سخت اعتراض ظاهر ڪري ڇڏيو آهي تفصيل موجب دادو ۾ پوليس جي مبينا مقابلي دوران مارجي ويل نوجوان نادر جمالي جي ڪيس ۾ انصاف جي گهر زور پڪڙڻ لڳي آهي، مقتول جي وارثن آءِ جي سنڌ طرفان ڪيل ان سفارش کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت جوڊيشل انڪوائري ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو کان ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي ان سلسلي ۾ نادر جمالي جي سوٽ خادم جمالي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي رپورٽر سان ٽيليفونڪ گفتگو ڪندي چيو ته اسان واقعي جي پهرين ڏينهن کان جوڊيشل انڪوائري جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، پر اسان کي ڪنهن به صورت ۾ دادو جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج تي اعتماد ناهي، خادم جمالي جو چوڻ هو ته نادر جمالي جي جوڊيشل انڪوائري دادو کان سواءِ سنڌ جي ڪنهن به ٻئي ضلعي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کان ڪرائي وڃي ته جيئن شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ممڪن بڻجي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان صرف ۽ صرف انصاف چاهيون ٿا، نادر جمالي جو خون نه معاف ڪبو ۽ نه ئي لوڙهڻ ڏبو، جيڪڏهن حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ته 18 جنوري تي احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ دما دم مست قلندر ٿيندو وارثن جو چوڻ آهي ته نادر جمالي کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي ۽ هن واقعي جا ذميوار پوليس آفيسر ۽ اهلڪار قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجن.