| نادر جمالي فل فراءِ معاملي ۾ اڳڀرائي: سي آءِ اي انچارج بينظيرجمالي سميت 3 آفيسر معطل |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دادو ۾ مبينه مقابلي ۾ نادر جمالي جي مارجڻ واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن تحت آءِ جي سنڌ انسپيڪٽر بينظير جمالي سميت ٽن آفيسرن کي عهدن/ تان هٽائي ڇڏيو، سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ڊي آئي جي اسٽيبلشمينٽ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر قربان قمبراڻي، انچارج سي آئي اي سينٽر انسپيڪٽر بينظير جمالي ۽ ايس ايچ او بي سيڪشن خليل مسڻ کي هٽايو ويو، ٽنهي آفيسرن کي سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، نوٽيفڪيشن موجب آفيسرن کي انڪوائري مڪمل ٿيڻ تائين سي پي او ڪلوز ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي دادو آءِ جي جو آرڊر جعلي قرار ڏئي ڇڏيو!
ڪراچي: دادو پوليس طرفان نادر جمالي ڪيس جي جاچ تي اثر انداز ٿيڻ جون ڪوششون يا ڪو ٻيو معاملو؟ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي آئي جي سنڌ طرفان ٻن ايس ايچ اوز ۽ سي آئي اي انچارج کي هٽائڻ واري آرڊر کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو، پوليس جي هڪ اعلي آفيسر ليٽر اوريجنل هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي پر ايس ايس پي دادو طرفان آرڊر کي جعلي قرار ڏيڻ ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا، ڊي آئي جي اسٽيبلشمينٽ جي صحي سان ايس ايچ او اي سيڪشن قربان قمبراڻي، ايس ايچ او بي سيڪشن خليل مسڻ ۽ سي آئي اي انچارج بينظير جمالي کي سي پي او بدلي ڪرڻ جو آرڊر جاري ٿيو هو، آرڊر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس اختياريون آفيشلي طور تصديق ڪرائڻ کان لنوائڻ لڳيون، سنڌ پوليس جي ترجمان به ليٽر جي اوريجنل هجڻ بابت تصديق يا ترديد ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي، پوليس جي هڪ سينئر آفيسر ٽائيم نيوز پاران رابطو ڪرڻ تي تصديق ڪئي آهي ته ليٽر اوريجنل آهي.
نادر جمالي جو قتل ظلم ۽ آئين جي لتاڙ آهي: معظم عباسي
دادو(رپورٽر) دادو ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نادر جمالي جي وارثن وٽ جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي، اڳواڻي وڏي وزير سنڌ لياقت علي جتوئي جو ڀاء ظفر جتوئي، معظم عباسي ۽ ٻين پهچي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هنن چيو ته سموري سنڌ ۾ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻجي چڪي آهي، جتي پوليس کي کليل ڇوٽ مليل آهي ته جنهن کي وڻي، بنا ڪنهن حساب ڪتاب ۽ ثبوت جي ماري ڇڏي، معظم عباسي چيو ته نادر جمالي کي بنا ڪنهن ثابتي ۽ قانوني ڪارروائي جي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جيڪو سراسر ناانصافي، ظلم ۽ آئين جي لتاڙ آهي. هن چيو ته نادر جمالي جي وارثن جو اهو بنيادي ۽ جائز حق آهي ته واقعي جي شفاف جاچ لاءِ فوري طور جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي.ان موقعي تي بلوچستان جي ضلعي پشين سان تعلق رکندڙ فنڪشنل ليگ جي جنرل سيڪريٽري اسدالله ڪاڪڙ پڻ تڏي تي پهچي اظهار افسوس ڪيو. هن چيو ته دادو ۾ آخر ڪهڙو انڊيا جو فتنو يا طالبان موجود آهن، جو هڪ محب وطن نوجوان کي سرعام ڌاڙيل بڻائي قتل ڪيو وڃي؟ ڇا رياستن کي اهو اختيار آهي ته هو نوجوانن کي ماري ڇڏين؟