| نادر جمالي مقابلو جڙتو هو؟ ايس ايس پي حيدرآباد جاچ آفيسر مقرر |
ڪراچي(نمائندن وٽان) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو دادو ۾ پوليس پاران مقابلو ڄاڻائي ماريل نوجوان نادر جمالي واري واقعي جو نوٽيس ورتو. هن ايس ايس پي حيدرآباد کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري 10 ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ طلبي ورتي آءِ جي چيو ته مقابلي جي اصل حقيقت ۽ جوابدار جي مختلف ڪيسن ۾ ملوث هجڻ جو تعين ڪيو وڃي، هوڏانهن سڪرنڊ ۽ ٻانڌي ۾ جڙتو مقابلي خلاف مظاهرا ڪيا ويا ،