| نادر جمالي کي دادو پوليس جڙتو مقابلي ۾ ماريو؟ عدالتي جاچ حڪم: پوليس تي بي اعتمادي |
ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ حڪومت دادو ۾ پوليس مقابلو ڄاڻائي ماريل نوجوان نادر جمالي واري واقعي جي جوڊيشل انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ پ پ ايم اين اي دادو رفيق جمالي هڪ ڀيرو ٻيهر گهرو وزير ضياءُ لنجار سان رابطو ڪري مٿس زور ڀريو ته جمالي برادري پوليس جي جاچ مان مطمئن ناهي، واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي. جنهن تي گهرو وزير جوڊيشل انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اڄ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويندو، انهي کان اڳ ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو نادر جمالي کي مبينه مقابلي ۾ مارڻ واري معاملي جي انڪوائري جي سلسلي ۾ دادو پهتو پر وارثن بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هوڏانهن پ پ ايم اين اي سردار رفيق جمالي پنهنجي اخبار سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته نادر جمالي ڏوهاري نه هو، پوليس کيس جڙتو مقابلي ۾ ماري وڏي زيادتي ڪئي آهي، مون پهرين ڏينهن گهرو وزير سان ڳالهايو، گهرو وزير جي حڪم تي ايس ايس پي حيدرآباد کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو، ايس ايس پي حيدرآباد بيان وٺڻ آيو هو، مون واضح ڪيو ته پهرين نادر جمالي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪريو، پوءِ انڪوائري ڪريو، ايس ايس پي حيدرآباد ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي حامي ڀري پر وارث پوليس انڪوائري تي ڀروسو نٿا ڪن، اهي جوڊيشل انڪوائري جو مطالبو ٿا ڪن، آئون وارثن سان گڏ آهيان، وارث جيئن چون پيا، تيئن ٿيڻ گهرجي، نادر جمالي جي قتل تي افسوس آهي، وڏي زيادتي ٿي آهي، مبينه مقابلي ۾ ملوث اهلڪارن ۽ آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي