نادر  جمالي ڪيس: جاچ پوليس بنا انڪوائري عدالت پيش، وارثن اعتراض واري ڇڏيا

نادر  جمالي ڪيس: جاچ پوليس بنا انڪوائري عدالت پيش، وارثن اعتراض واري ڇڏيا

دادو(رپورٽر) دادو ضلعي ۾ نادر جمالي جي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ واري معاملي تي جاچ ڪندڙ پوليس بنا مڪمل انڪوائري جي عدالت ۾ پيش ٿيا، جنهن تي مقتول جي وارثن سخت اعتراض ڪندي موجوده انڪوائري آفيسر تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي ذريعن موجب نادر جمالي جي مبينا پوليس مقابلي واري ڪيس جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي سيوهڻ عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي وارثن موقف اختيار ڪيو ته جاچ جو عمل مڪمل طور شفاف نه رهيو آهي ۽ ڪيترائي اهم پهلو نظرانداز ڪيا ويا آهن. وارثن عدالت کي آگاهه ڪيو ته انڪوائري دوران صرف زباني بيان ورتا ويا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي شاهدن جا لکت ۾ بيان قلمبند ڪرڻ ضروري هئا، جيڪي اڃا تائين نه ورتا ويا آهن ٻي طرف مقتول نادر جمالي جي ڀاءُ بابر جمالي ڊي آءِ جي کي درخواست جمع ڪرائيندي چيو ته موجوده انڪوائري آفيسر تي سندن اعتماد ختم ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري کيس هٽائي نئين سر جاچ ڪرائڻ لاءِ ڊي ايس پي سراج لاشاري کي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن معاملي جي غيرجانبدارانه جاچ ٿي سگهي درخواست ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪافي وقت گذرڻ باوجود ۽ ڪيترن ئي ثبوتن جي موجودگي هوندي به جاچ ۾ ڪا خاص اڳڀرائي نظر نٿي اچي، جنهن سبب وارثن کي خدشو آهي ته کين انصاف نه ملندو. وارثن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن جاچ ساڳي ريت هلندي رهي ته اصل حقيقت سامهون اچڻ بدران ڪيس کي ڪمزور ڪيو ويندو هوڏانهن عدالت نادر جمالي جي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ واري ڪيس جي چالان تي انڪوائري مڪمل نه هجڻ سبب وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪندي 15 مارچ تي ٻيهر مقرر ڪئي آهي، جاچ جي اڳڀرائي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.