شھدادڪوٽ (رپورٽر) اڳوڻي پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو چيو آهي ته نادر مگسي جي لڳايل الزامن کي رد ڪريان ٿو، اهڙين ڳالهين ۾ ڪا به سچائي ناهي
پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي سردار چانڊيو چيو ته نادر مگسي جو نالو قتل ڪيس ۾ مقتول غلام سرور چانڊيو جي نياڻي ڏنو، جنهن قران پاڪ کڻي چيو هو ته سندس والد کي نادر مگسي مارايو آهي
هن چيو ته اسان ٻئي ڀائر ميھڙ جي عدالت ۾ موجود ھئاسين، اسان جو ڪيس عدالت ۾ ھلي رھيو ھو، ان ڏينهن غلام سرور چانڊيو کي قتل ڪيو ويو، اسان کي غلام سرور جي قتل جي خبر شام جو جڏهن ڪورٽ مان نڪتاسين ته پئي، سوشل ميڊيا تي مقتول جي نياڻي قران پاڪ مٿي تي کڻي چئي رھي هئي ته سندس والد کي نادر مگسي قتل ڪرايو، ھاڻي قران پاڪ سچو آهي يا نادر مگسي سچو آهي، اھو قانون ئي بھتر نموني ڄاڻي ۽ سمجهي سگهي ٿو
هن چيو ته نادر مگسي جي سرپرستي ۾ شھدادڪوٽ ۽ ميھڙ ۾ منشيات سري عام ھلي رھي آهي، ميھڙ ۾ ام رباب چانڊيو جا ڀائر نادر مگسي جي سرپرستي ۾ سري عام منشيات پيا هلائين، منشيات فروشن کي نادر مگسي جي سرپرستي حاصل آهي
هن ٻڌايو ته ميھڙ واقعي ۾ اسان مٿان جيڪو فريادي ام رباب جو چاچو پرويز چانڊيو آهي، ان کي نادر مگسي خوراڪ کاتي ۾ نوڪري جو آرڊر ڏنو آهي، ان جي باوجود به نادر مگسي ميڊيا تي ڳالهائي ٿو ته مان ام رباب چانڊيو جي شڪل نه ڏٺي آهي، باقي ام رباب چانڊيو جي ڀائرن کي پنهنجي گاڏي جي فرنٽ سيٽ تي کڻي گهمائي ٿو ۽ سندس بنگلي تي اچن وڃن ٿا، مختلف ڪيسن ۾ ام رباب چانڊيو جي ڀائرن جي سپورٽ ۽ مدد ڪري رھيو آهي، اسان کي سموري خبر ۽ ڄاڻ آهي ته نادر مگسي اسان جي مخالفن ام رباب چانڊيو ۽ ڀائرن سان گڏجي اسان جي مخالفت ڪري رھيو آهي
هن چيو ته نادر مگسي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آهي، جڏهن ته هن جي سياست ھاڻي ختم ٿي وئي آهي، نادر مگسي جي ڌمڪين جي اسان کي پرواهه نه آهي، نادر مگسي اهي ڌمڪيون پاڻ وٽ رکي، هو اسان جي خلاف ھڪ قدم کڻندو ته اسان 2 قدم اڳتي وڌنداسين